مختلف ڪارروائين دوران 5 عورتن سميت 16 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا
سجاول(رپورٽر)ضلع سجاول پوليس جا گھٽڪا. منشيات فروشن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري. 7 لسٽيڊ گھٽڪا فروش. گھٽڪو سپلائير ليڊيز گينگ جون 5 عورتن سميت 16 ڏوهاري گرفتار. 8517 گھٽڪا. 49 ڪلوگرام گھٽڪو مٽيريل. 10 ليٽر ديسي شراب ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪيس داخل. تفصيل موجب. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن جي روشني ۾ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي حڪم تي پوري ضلع ۾ گھٽڪو. منشيات فروشن جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جي سب انسپيڪٽر غلام شبير کهڙو ۽ پوليس نفري سان مخفي اطلاع تي مختلف جاين تي ڪامياب ڪاروايون ڪندي 3 لسٽيڊ ڏوهاري. فياض جماري. عبدالحفيظ ڀٽي علي رضا لغاري. آڪاش ملاح ۽ عورتن جي گينگ 5 عورتن سميت 9 ڏوهاري گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيا ويا گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان 3520 گھٽڪا. 49 ڪلوگرام گھٽڪو مٽيريل ۽ ھڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي. سجاول ٿاڻي تي جدا جدا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن ايس ايڇ او بٺورو صفدر علي سولنگي جي انچارج جاتي چوڪ شمس الدين کاڙڪ ۽ پوليس نفري سان گڏ مختلف جاين تي ڪاروايون ڪيون. جدا جدا ڪاروائين ۾ 3 لسٽيڊ گھٽڪا فروش ڏوهاري. عنايت زئور. حنيف رند. لطيف سولنگي کي 2850 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ٽنهي جي خلاف جدا جدا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ايس ايڇ او لاڏيون عنايت اللہ چانڊيو جي سب انسپيڪٽر نادر علي گورڙ سان گڏ مخفي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي لسٽيڊ گھٽڪا فروش ڏوهاري الهبچايو دل کي 2000 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او دڙو ذولفقار علي شر گشت دوران گھٽڪا فروش ڏوهاري نويد ميرانخور کي 580 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او چوھڙجمالي اشفاق احمد منگي جي پوليس اسٽاف سان گڏ گشت دوران گھٽڪا فروش ڏوهاري نياز احمد ميمڻ کي 1067 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او جاتي عبدالطيف راڄپر گشت دوران منشيات فروش قربان علي ٿھيم کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
0 تبصرے