سجاول (رپورٽر) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومري جي سجاول ۾ پريس ڪانفرنس مولانا راشد محمود سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صوبي خيبرپختونخواهه جي شيخ الحديث ۽ مرڪزي مجلس شوريٰ جي رڪن مولانا ادريس جي شهادت جي سخت مذمت ڪئي۔اسان کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏني پئي وڃي، اسان کي ان بابت آگاهه ڪيو وڃي، پوري قوم 9 مئي تي افواج پاکستان سان گڏ بيٺل هئي “بنيان المرصوص”جي عظيم ڪاميابي حاصل ٿي آهي، پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن کي هن تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا۔ اسرائيل جي جارحيت فوري طور بند ڪئي وڃي۔ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ گهرجن۔هر اسرائيلي جارحيت خلاف قوم متحد آهي۔پاڪستان ۽ حرمين شريفين ڏانهن ڪنهن کي به خراب نگاهه سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏينداسين۔عام ماڻهو عزت سان ٻه وقت جي ماني به نٿو کائي سگهي۔پاڪستان جي ثالثي ۾ عجيب قسم جا امن مذاڪرات هلي رهيا آهن۔ پاڪستان جي جهنڊي هيٺ جهاز واشنگٽن ڊي سي وڃي سگهن ٿا، پر اهي جهاز پاڪستان نٿا اچي سگهن۔ ايران کان سستو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪري عوام کي فراهم ڪيو وڃي۔ 14 مئي تي ڪراچي ۾ طاقت جو مظاهرو ڪنداسين۔فارم 47 جا نمائندا عوام جا حقيقي نمائندا ناهن، اهي اسيمبليون خريد ڪري آيا آهن۔انهن حڪمرانن کي عوام سان ڪو به سروڪار ناهي۔سنڌ اندر منشيات ۽ هٿيارن جو ڪاروبار حڪمرانن جي نڪ هيٺان هلي رهيو آهي۔ قوم جي اکين ۾ ڌوڙ نه وڌي وڃي۔ وزيراعليٰ بي وس آهي، ايترو بي وس وزيراعليٰ اسان اڄ تائين ناهي ڏٺو۔ڪڻڪ جي خريداري ۾ ستر ستر ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي۔هاڻي ڊالرن ۾ ڪرپشن ٿئي ٿي، هنڊي وارن کي ڊالر ڏئي دبئي ۾ وصول ڪيا وڃن ٿا۔ سنڌ ۾ غريبن جون نياڻيون اغوا ۽ زيادتي جو شڪار ٿي رهيون آهن جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ پئسي جي سياست رستي تان هٽي وڃي ته اقتدار جمعيت کي ملڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي،
0 تبصرے