ٺٽي جي سماجي تنظيم پيغام پاران نئين منصوبي جو اعلان

تنظيم کي هيٺين سطح تائين مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت فيصلا ڪيا ويا

ٺٽي جي سماجي تنظيم پيغام پاران نئين منصوبي جو اعلان

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)سماجي تنظيم پارٽيسيپيٽري ايڊوانسمنٽ انيشيٽو ٿرو گراس روٽ ايڪشن اينڊ موبلائيزيشن (پيغام) جي ورڪنگ باڊي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ تنظيم کي هيٺين سطح تائين مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڳوٺاڻي سطح کان وٺي يونين ڪائونسل، وارڊ ۽ تعلقي سطح تائين تنظيم سازيءَ جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو، جيئن ضلعي جي وڌ کان وڌ آبادي کي تنظيم سان جوڙي سندن مسئلن جي حل ۽ ترقياتي عمل ۾ شامل ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي تنظيم جي صدر بلاول سمون چيو ته پيغام پاران جلد مالي خودمختياري ۽ غربت گھٽائڻ وارو منصوبو لانچ ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت ڪميونٽي بيسڊ سيوِنگس اينڊ لونز اسڪيم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته ان منصوبي ذريعي عام ماڻهن، خاص طور تي غريب ۽ پسمانده طبقن کي بچت جي عادت وڌائڻ سان گڏ ننڍن ڪاروبارن لاءِ مالي سهائتا فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ معاشي بهتري ايندي. بلاول سمون وڌيڪ چيو ته ضلعو ٺٽو هن وقت ڪيترن ئي حوالن سان پسماندگي جو شڪار آهي، جتي تعليم، صحت، روزگار ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ وڏو مسئلو بڻيل آهي. سماجي تنظيم پيغام پنهنجي پليٽ فارم تان هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته ضلعي جي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين فائدا پهچايا وڃن ۽ کين ترقي جي سفر ۾ شامل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي اندر مختلف اين جي اوز جا اربين روپين جا منصوبا هلي رهيا آهن، پر افسوس جو انهن جا خاطرخواهه نتيجا زميني سطح تي نظر نٿا اچن. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اين جي اوز کي ملندڙ فنڊن ۽ هلندڙ منصوبن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن عوامي وسيلن جو صحيح استعمال يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري عبيد جماري، محمد عمر سرائي، ممتاز سميجو، ممتاز علي سمون، منظور پالاري، مڪيش ديو،صوفي حسين علي ،ثناءُ الله سمون، مجتبيٰ بڪيرو، ستار سومرو، مظھر علي، علي حيدر سومرو سميت ٻيا پڻ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پيغام کي ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ پاڙي تائين پهچائي عوامي خدمت، سماجي بهتري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ منظم جدوجهد جاري رکي ويندي.