ڪراچي چيپٽر جي صدر منصور کوکر جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي, رياض شاھد، ڪرم علي شاهه، لياقت عباسي ۽ ٻيا شريڪ
ڪراچي (رپورٽر)انجمنِ ترقي پسند مصنفين، ڪراچي چيپٽر جي هڪ اهم تنظيمي گڏجاڻي صدر منصور کوکر جي صدارت هيٺ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي گل رنگ ٽيرس ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن سميت انجمن سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو مبصر طور پڻ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ٻن نڪاتي ايجنڊا کان علاوه تنظيم جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊ ڪيا ويا۔ گڏجاڻيءَ ۾ رياض شاھد دايو اردو جي دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد سان انجمن متعلق ٿيل ملاقات بابت دوستن کي آگاھي ڏيندي اعتماد ۾ ورتو ۽ ٻڌايو ته انجمن جي قيام جا نوي سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ 16 مئي تي ڪراچي ۾ هڪ شاندار ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ اردو ۽ سنڌي دانشور شرڪت ڪندا، ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڀرپور شرڪت ڪرڻ کي حتمي شڪل ڏني وئي۔ ان موقعي تي تنظيم جي سرگرمين ۽ ادبي خدمتن جي واڌاري بابت به مختلف معاملن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو۔ وڌيڪ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته انجمن جي رڪنيت لاءِ موصول ٿيل چار نون درخواستن جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت (عورت شاخ) ڪراچي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ٿيندڙ سنڌي ادبي عورت ڪانفرنس ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي وفد رياض شاھد دايو جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي وفد ۾ ڪراچيءَ جو صدر منصور کوکر، اڳوڻو صدر سيد ڪرم علي شاهه ڪرم ۽ اطلاعات سيڪريٽري لياقت عباسي پڻ شامل ھئا.
0 تبصرے