قومي امن ڪميٽي براءِ بين المذاهب هم آهنگي جي اهتمام هيٺ يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) آپريشن “بنيان المرصوص” معرڪهٔ حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي قومي امن ڪميٽي براءِ بين المذاهب هم آهنگي (A) عمرڪوٽ جي اهتمام هيٺ هڪ شاندار يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڊويزن ميرپور خاص جي سينيئر وائيس چيئرمين عبدالله ڀنڀرو، ڊويزن ميرپورخاص جو صدر مبارڪ منگريو، وائيس چيئرمين ميرپورخاص ڊويزن جان محمد منگريو، ضلع عمرڪوٽ جي چيئرمين يونس کوکر، ضلع عمرڪوٽ صدر ھمٿومل ڀيل ڪئي، ريلي جي نگراني ۾ مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ اڳواڻن، سماجي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته جناح پارڪ عمرڪوٽ کان شروع ٿيندڙ ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي پريس ڪلب عمرڪوٽ پهچي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ قومي جهنڊا کڻي پاڪ فوج ۽ ملڪ جي سلامتي جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا، ان موقعي تي “پاڪ فوج زنده باد”، “پاڪستان پائنده باد” ۽ “دفاعِ وطن اسان جو ايمان” جا نعرا گونجندا رهيا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي “مودي سرڪار مرده باد” ۽ “نريندر مودي مرده باد” جا نعرا پڻ هنيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آپريشن “بنيان المرصوص” ملڪ جي امن، استحڪام ۽ دهشتگردي خلاف ڪاميابين ۾ هڪ اهم سنگِ ميل آهي، هنن چيو ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ريلي جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي، قومي اتحاد ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابين لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.
0 تبصرے