عمرڪوٽ ۾ مولانا محمد ادريس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

احتجاجي ريلي ۾ علماءِ ڪرام، مذهبي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نعريبازي

عمرڪوٽ ۾ مولانا محمد ادريس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي قتل خلاف جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ علماءِ ڪرام، مذهبي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي جمعيت علماءِ اسلام ضلعي نائب امير مفتي حمادالله سميجو، ضلعي خازن مولانا محمد صابر سومرو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف سميجو، تعلقه نائب امير مولانا محمد سليم ڪنڀر، ضلعي ڊجيٽل ڪوآرڊينيٽر عمران علي ديوبندي ۽ ضلعي پريس سيڪريٽري رسول بخش منڱريو ڪئي، احتجاجي ريلي ذڪريا مسجد کان شروع ٿي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب عمرڪوٽ پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي، ريلي دوران “قاتلن کي گرفتار ڪيو”، “عالمن کي تحفظ ڏيو” ۽ “ظلم نامنظور” جا نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي شهادت نه صرف مذهبي حلقن پر سڄي ملڪ ۽ عالمِ اسلام لاءِ وڏو سانحو آهي، جنهن سان پيدا ٿيل خال آساني سان پُر ٿيڻ وارو ناهي، هنن چيو ته علمي ۽ مذهبي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ تشويشناڪ عمل آهي، مقررِين حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بدامني، قتل ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب عام شهري توڙي مذهبي شخصيتون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي ۽ علماءِ ڪرام، مذهبي شخصيتن سميت عام شهرين جي تحفظ لاءِ فوري ۽ موثر قدم کنيا وڃن، احتجاجي ريلي سخت نعريبازي ۽ انصاف جي مطالبن سان پُرجوش ماحول ۾ ختم ٿي.