English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي ۽ پاڻي جي بحران خلاف ڌرڻو
101 views
|
08th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ شاهه لطيف ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف شهرين وڏي انگ ۾ قومي شاهراهه تي نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪراچي کان ٺٽو ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، جڏهن ته سوين گاڏيون روڊ تي ڦاسي پيون ۽ مسافر سخت پريشان ٿي ويا . احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، جڏهن ته پاڻي جي فراهمي پڻ سخت متاثر ٿيل آهي، جنهن ڪري روزاني زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. هنن الزام هنيو ته سخت گرمي باوجود لاڳاپيل ادارا عوامي تڪليفن ڏانهن ڪوبه ڌيان نٿا ڏين ۽ شڪايتن باوجود مسئلا حل ناهن ڪيا پيا وڃن. شهرين احتجاج دوران انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور بجلي جي بندش ختم ڪري پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو. مظاهرين چيو ته گرمي جي شدت ۾ پاڻي ۽ بجلي کانسواءِ زندگي گذارڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي، خاص طور عورتون، ٻار ۽ بزرگ سخت اذيت ۾ مبتلا آهن. احتجاج سبب قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن کي به شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ انتظاميا جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي
0 تبصرے