وحيد، عون شيخ ۽ سندن عورتن فوزيا، مهناز، ناهيد ۽ ٻين اسان تي حملو ڪيو: نظام،جمن شيخ
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز جي شيخ برادري جي ماڻهن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت گهر تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سول اسپتال ۾ رهندڙ ملازم عورتن توڙي ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي نظام،جمن شيخ ۽ ٻين چيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن وحيد، عون شيخ ۽ سندن جي عورتن فوزيا، مهناز، ناهيد، ملڪہ ۽ ٻين ڇرن، ڏنڊن ۽ لوهي شيخن سان حملو ڪري اسان جي عورتن سويرا، صدف، ريحانه، سڪينه، نواب الدين کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي ايف آءِ آر نوشهروفيروز ٿاڻي تي 8 سڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي پر افسوس جو پوليس هڪ به جوابدار گرفتار هن وقت تائين ناهي ڪيو هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے