روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل

ڪيس ۾ ناري جو والد امداد ڀارو، مڙس سڪيلڌو ڀارو، مامو مولا بخش ڀارو ۽ محمد يونس ڀارو جوابدار نامزد

روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل

روهڙي (رپورٽر) ڪارنهن الزام هيٺ بيدردي سا قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ 24 ورهين جي مسمات گلان جو قتل ڪيس داخل جهانگڙو ٿاڻي تي سرڪار پاران انسپيڪٽر جاويد علي ميمڻ جي فرياد تي عورت جي والد، مڙس، مامي سميت چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.، ڪيس جي متن موجب جوابدار امداد علي ڀارو ۽ يونس ڀارو دلاسي تي مسمات گلان ڀارو کي ڪورٽ مان تحفظ لاءِ وٺي ويا. ڪورٽ مان تحفظ لاءِ گلان ڀارو کي وٺي ٻين جوابدارن سان هم صلاح ٿي غلط ۽ ڪوڙا الزام ڏئي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. جوابدار امداد علي ڀارو جي بڇ تي جوابدار مولا بخش ڀارو مائي گلان ڀارو کي غلط ۽ ڪوڙو الزام ڏئي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ايف آئي آر ۾ مقتول گلان ڀارو جي والد امداد علي ولد شاهه بخش ڀارو، مڙس سڪيلڌو ولد حسين بخش ڀارو، مامي مولا بخش ولد علي بخش ڀارو ۽ محمد يونس ولد خان محمد ڀارو جوابدار طور شامل آهن.