عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ شهر جي وارڊ نمبر 8 خاصخيلي پاڙي ۾ پلاٽ جي مالڪي بابت هلندڙ تڪرار آخرڪار ثبوتن جي بنياد تي طئي ٿي ويو، جنهن تحت تڪراري پلاٽ چنيسر ڀرڳڙي جي حق ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، خبر موجب معاملي جي شروعات سٽي ٿاڻو عمرڪوٽ تي ٿي، جتي ايس ايڇ او ٻنهي ڌرين کي واضح هدايت ڪئي ته تڪراري پلاٽ تي ڪنهن به قسم جي مرمت يا تعمير ان وقت تائين نه ٿيندي، جيستائين باقاعده فيصلو نه ٿي وڃي، بعد ۾ ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان معاملو پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد سرفراز علي شاه حوالي ڪيو ويو، سيد سرفراز علي شاه معاملي جي جاچ ۽ فيصلي لاءِ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري ۽ چيف ميونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاه کي ذميواري سونپي، جن پهرين تڪراري پلاٽ جو موقعي تي دورو ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي ڌرين، چنيسر ڀرڳڙي ۽ نظير خاصخيلي سميت شاهدن جا بيان ٻڌا، جنھن دؤران معلوم ٿيو ته چنيسر ڀرڳڙي کي پلاٽ حاجي عرس کاڙت طرفان وڪرو ڪيو ويو هو، جڏهن ته نظير خاصخيلي ڌر پاران پيش ڪيل دعويٰ موجب پلاٽ 2800 اسڪوائر فوٽ ڄاڻايو ويو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ دوران علي ميمڻ کان پڻ پڇا ڪئي وئي، جنهن ٻڌايو ته هن پلاٽ حاجي عرس کاڙت کان ورتو هو، پر حاجي عرس کاڙت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته هن پلاٽ صرف چنيسر ڀرڳڙي کي 50×70 جي ماپ سان وڪرو ڪيو آهي ۽ پوليس اھلڪار علي ميمڻ سان ڪنهن به قسم جو وڪري وارو معاملو نه ٿيو آهي، بيانن، شاهدين ۽ دستاويزي ثبوتن جي جاچ بعد نظير خاصخيلي ڌر پنهنجي دعويٰ جي حمايت ۾ ٺوس ثبوت پيش نه ڪري سگهي، جنهن بعد 4 تاريخ تي ٿيل آخري فيصلي ۾ قسم جي ساک لاءِ وائيس چيئرمين ضلع ڪونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري ۽ چيف ميونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاھ طرفان ۽ ٻنھي ڌرين جي رضامندي سان امين نامور سماجي شخصيت ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي کي مقرر ڪيو، جنھن فيصلي بعد ٻنھي ڌرين کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي قسمان قسمي تي ساک ورتي جنھن تي چنيسر ڀرڳڙي قسمان قسمي ساک ڏيندي چيو تہ اھو 70x50 وارو پلاٽ منھنجو آھي مون حاجي عرس کاڙت کان ورتو آھي، جنھن بعد فيصلو چنيسر ڀرڳڙي جي حق ۾ ٻڌايو ويو ۽ پلاٽ سندس حوالي ڪيو ويو، تنھن بعد ٻنھي ڌرين پاڻ ۾ ڀاڪر پاتا ۽ دعا گھري وئي، جڏھن تہ مخالف ڌر نظير خاصخيلي واري انھيءَ پلاٽ تي ڪابه اڳرائي نہ ڪندي ۽ پلاٽ مالڪ قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو، ان موقعي تي حاجي خالد خاصخيلي، اختيار خاصخيلي، عطا خاصخيلي، آصف خاصخيلي، اسد علي ڀرڳڙي سميت ٻيون معزز شخصيتون پڻ موجود هيون.
0 تبصرے