وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟

عبدالجبار چانگ - ھڱورجا

وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟

سماج ۽ معاشري ۾ ڪارو ڪاري ھڪ عجيب رسم ۽ ٽئينڊ پئجي ويو آهي خاص ڪري اتر سنڌ جون نياڻيون ويچاريون پنھنجي گھرن ۾ محفوظ نہ آھن ان ۾ ڪافي حد تائين اھو بہ چوڻ غلط نہ ھوندو تہ معاشري ۾ تعليم جھڙي زيور کان ٻھراڙيءَ جون عورتون ويچاريون محروم آهن حقيقت ۾ ڪارو ڪاري سماج ۾ هڪ انتهائي عجيب رواج پيل آهي ھي رسم صدين کان ھلندي پئي اچي ڪارو ڪاري غير انساني حرڪت آھي.ڪنھن نياڻي کي ”غيرت جي نالي تي قتل“ ڪري ان کي ڪارو ڪاري جو رنگ ڏنو وڃي ٿو.پر اصل حقيقتون سامھون اچن ئي نہ پيون روھڙي جي ويجھو جھانگڙو ٿاڻي حد ۾ 24 ورھين جي نياڻي گلان ڀارو ٻن ٻارن جي ماءُ کي اوھان ڪئين ٿا ڪارو ڪري قتل ڪري سگھو ٿا اھو سوال ھر انسان جي ذھين ۾ ڦري ٿو پيو ۽ وري ان جي مڙس جي بيان مطابق تہ ھاڻي اسان جو نڪ مٿي آھي افسوس ھڪ اھڙي وڊيوز بہ ھاڻي سامھون آئي آھي ڪجھ ڏينھن پھريان سکر جي عدالت ۾ گلان ڀارو پيش ٿي ھئي ۽ ان جي پنھنجي پيءُ سندس کي پٽڪو لاهي وجھي ٿو پيو گلان موٽ ۾ پنھنجي پيءُ کي اھي لفظ چيا تہ بابا اوھان جي پڳ جي عزت آھي پر مونکي خبر آهي تہ مونکي ڪارو ڪاري ڪري ماريندا جنھن پنھنجي پيءُ جي پڳ خاطر زھر جو ڍڪ ڀريو ۽ پيءُ جي عزت رکڻ لاءِ سندس سان گھر آئي ۽ انھي پيءُ جي عزت لاءِ ڏسندي ڏسندي کولين جو کاڄ بڻجي وئي ڪنھن شاعر سچ چيو آهي ( تون رسمن رواجن جو پابند ٿيندين) ان جي پويان اصل حقيقتون ڪجھ ٻيون ھونديون آھن پر اھي اصل حقيقتون سامهون نہ اينديون آهن اھو وڏو سماج ۾ الميو آهي ۽ تڏھن ھر روز سنڌ جون نياڻيون گولين جو کاڄ بڻجن ٿيون ۽ ھن جديد دور ۾ اتر سنڌ نياڻين لاءِ مقتل گاھ بڻيل آهي. ​ڪارو اهو مرد جنهن تي ناجائز لاڳاپن جو الزام هجي. ​ڪاري: اها عورت جنهن تي اهڙو الزام هجي. هن رواج تحت اڪثر ڪري جذباتي فيصلا ڪري عورت ۽ مرد کي بغير ڪنهن ثبوت ۽ عدالتن کان مٿانهون جو قتل آھي. ۽ قانون مطابق اھو عمل غير قانوني آهي ۽ ان تي ڪيترائي ئي قانون پاس ٿيل آھن پر انھن تي عمل ڪير ڪرائي ڪارو ڪاري جي تھمت مڙھي قتل ڪيل ناري گلان ڀارو سان انصاف ٿيڻ گھرجي.سماج ۾ ڪارو ڪاري جا اثر ​هي رسم نه صرف انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، پر ان جا سماجي اثر به تمام گهرا آهن: ​بي گناهه قتل: اڪثر ڪيسن ۾ ذاتي دشمني، ملڪيت جي جهڳڙن يا بدلي وٺڻ لاءِ ڪوڙا الزام مڙهي عورتن کي قتل ڪيو ويندو آهي.​عورتن جو استحصال: هي رسم عورتن کي خوف ۽ دٻاءُ ۾ رکڻ جو هڪ ذريعو بڻيل آهي.​قانوني حيثيت ​پاڪستان جي قانون ۾ ڪارو ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل هڪ سنگين ڏوهه آهي.​تعزيراتِ پاڪستان تحت ان جي سزا موت يا عمر قيد آهي.​حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ پاران اهڙن واقعن تي سخت پابندي لڳائي وئي آهي، ۽ ان کي "قتلِ عمد" (Premeditated Murder) قرار ڏنو ويو آهي.خاتمي لاءِ ڪوششون ​سنڌ جا اديب، سماجي ڪارڪن، ۽ دانشور عرصي کان هن ناسور جي خلاف آواز اٿاريندا رهيا آهن. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ به هن رسم جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي ته جيئن شعور بيدار ڪري سگهجي.​هن قبيلي رواج جو خاتمو رڳو قانون سان نه، پر تعليم ۽ سماجي شعور ذريعي ئي ممڪن آهي. اسان کي هڪ اهڙي سماج جي ضرورت آهي جتي فيصلا جذبات يا پراڻن رسمن بدران انصاف ۽ دليل جي بنياد تي ٿيڻ گھرجن.