ملير پوليس پاران هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ خصوصي ڪيمپس قائم

ملير پوليس پاران هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ خصوصي ڪيمپس قائم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊي آءِ جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ علي ۽ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايتن تي ملير ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ خصوصي رليف ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن۔انهن قدمن جو مقصد شديد گرمي دوران شهرين کي فوري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ کين هيٽ اسٽروڪ جهڙي خطرناڪ صورتحال کان بچائڻ آهي۔ ملير پوليس پاران قائم ڪيل انهن ڪيمپس ۾ شهرين، نوجوانن، ٻارن ۽ بزرگن لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ مشروبات جو مناسب بندوبست ڪيو ويو آهي۔ اهي ڪيمپس ٿاڻو اسٽيل ٽائون، ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون، ٿاڻو ملير سٽي ۽ ٿاڻو گڊاپ جي حدن اندر اهم هنڌن تي قائم ڪيا ويا آهن۔ڪيمپس تي لاڳاپيل ايس ايڇ اوز سميت پوليس آفيسر ۽ جوان موجود رهي شهرين جي خدمت ۾ مصروف آهن ۽ کين گرمي کان بچاءَ لاءِ ٿڌو پاڻي ۽ مشروبات فراهم ڪري رهيا آهن۔ان کان علاوه پوليس پاران شهرين کي هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ بابت آگاهي پڻ ڏني پئي وڃي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي پئي وڃي۔ ضلعي پوليس پاران سڀني پيٽرولنگ موبائلز ۾ پڻ ٿڌي پاڻي جا ڪولر رکيا ويا آهن، ته جيئن اهم شاهراهن تي سفر ڪندڙ شهرين کي فوري سهولت مهيا ڪري سگهجي۔ پوليس اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو غير ضروري طور تي سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، وڌيڪ پاڻي استعمال ڪن