English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميمڻ ڳوٺ ڀرسان رمضان جوڳي ڳوٺ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، رهواسين جو احتجاج
141 views
|
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
پاڻي کوٽ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، انتظاميه کان جيئڻ جي بنيادي حق جي گهر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ لڳ يونين ڪائونسل درساڻو جي حدن اندر واقع رمضان جوڳي ڳوٺ ۾ پاڻي جو مسئلو انتهائي سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، جتي سخت گرمي باوجود رهواسي پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ پريشان آهن ۔ڳوٺاڻن موجب ڪيترن ئي ڏينهن کان صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي، جڏهن ته گرمي جي شدت سبب روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي۔ عورتون، ٻار ۽ بزرگ پاڻي لاءِ پري پري تائين وڃڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري سندن صحت ۽ زندگي کي به خطرو لاحق ٿي رهيو آهي۔ڳوٺ جي رهواسين پيرل برفت، علي برفت ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو پيپلزپارٽي جا پراڻا ۽ وفادار ورڪر آهن، پر افسوس جو اڄ تائين سندن بنيادي مسئلا حل ناهن ٿي سگهيا۔ هنن شڪايت ڪئي ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي، پر ڪو به سنجيده قدم نه کنيو ويو آهي۔هنن وڌيڪ چيو ته پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت کان محرومي ناقابلِ برداشت بڻجي چڪي آهي، خاص ڪري هن سخت گرمي ۾ ننڍڙا ٻار ۽ بزرگ تمام گهڻي تڪليف ۾ آهن۔ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته هو فوري طور تي نوٽيس وٺي رمضان جوڳي ڳوٺ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائين ۽ مستقل بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي۔رهواسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ پنهنجو آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچائيندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميمڻ ڳوٺ ڀرسان رمضان جوڳي ڳوٺ ۾ پاڻي
0 تبصرے