شڪارپور ۾ ڳوٺاڻن جو خانڻ واهه تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

رئيس ھزار خان گوپانگ,محمد مبين سومرو,خالد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

شڪارپور ۾ ڳوٺاڻن جو خانڻ واهه تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ڀرسان ديھ رئيس واھ جي خانڻ واھ تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن آبادگارن ۽ ھارين جو احتجاجي مظاھرو,واھ تان قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن رئيس ھزار خان گوپانگ,محمد مبين سومرو,خالد سومرو,سفير سومرو,اصغر گوپانگ,الطاف گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ ھن خانڻ واھ کي ھڪ سئو سال کان وڌيڪ جو عرصو ٿيو آھي,ھي واھ انگريزن جي دور کان بہ اڳ جو آ ھي سرڪاري واھ کي مٽي سان لٽي ھن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي,ايريگيشن رڪارڊ موجب ھي واھ سالن کان ھتي موجود آھي,جڏھن تہ ھن واھ مان لڳ ڀڳ 5 سئو جريب زرعي زمين آباد ٿيندي آھي,ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ حاجي امداد ميمڻ,زبردستي واھ کي ڪٽ ڏيئي ھتان بند ڪري ٻي پاسي کان ڪراس ڏيئي رھيو آھي,جيڪو اسان کي ڪنھن بہ صورت قبول ناھي,اناج منڊي صدر سميع اللہ شيخ بہ انھن جي مالڪي ڪندي واھ کي بند ڪرائي پيو,ھي بنيادي واھ آھي ھن کي بند ڪري ٻي پاسي کان واھ کي رستو ڏيڻ سان پڇڻي جي آبادگارن کي پاڻي جي پھچ صحيح نہ ٿيندي سوين زرعي زمينون غيرآباد ٿينديون,حاجي امداد ميمڻ زمين وڪرو ڪري رياض پنجابي کي ڏني آ ھن زمين تي رائيس مل قائم ڪئي آ,رائيس مل جي شروع ٿيڻ سان آس پاس وارن علائقن کي تڪليف کي منھن ڏيڻو پوندو مل مان اٿندڙ مٽي,دزي رھواسين لاء عذاب کان گھٽ ناھي, ھنن پ پ ايم پي اي امتياز احمد شيخ,ڊي سي شڪارپور شڪيل احمد ابڙو,مختيارڪار شڪارپور ۽ لاڳاپيل اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ واھ تان قبضو ختم ڪرائي ڳوٺاڻن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.