ڏوڪري ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي پ پ پاران ريلي ڪڍي وئي

پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي ڏنو خان گاڏهي، محمد رفيق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ڏوڪري ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي پ پ پاران ريلي ڪڍي وئي

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) پاڪستان پيپلزپارٽي ليبر بيورو تعلقي ڏوڪري جي طرفان مزدورن جي عالمي ڏينھن تي ريلي ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري ميمبر ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ سردار علي ڏنو خان گاڏھي پيپلز ليبر بيورو ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر محمد رفيق سومرو جنرل سيڪريٽري انعام علي ابڙو انفارميشن سيڪريٽري ارشاد علي ڀٽو صدر پيپلز ليبر بيورو تعلقو ڏوڪري اڪبر علي قريشي سينئر نائب صدر خادم حسين زُھراڻي جنرل سيڪريٽري عبدالخالق ابڙو اڳواڻي ڪئي. ريلي مرڪزي عيدگاهه ڏوڪري کان شھر جي مختلف چوراھن تي گذري عوام طرفان ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي.ريلي کي سردار علي ڏنو خان گاڏھي محمد رفيق سومرو ۽ اڪبر علي خطاب ڪندي چيو ته اسان شڪاگو جي شھيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ مزدورن جي عالمي ڏينھن تي محنت ڪش جاکوڙي ڪردار مزدورن سان اظھار يڪجهتي ڪيون ٿا.هنن چيو ته پورھيت خدا جو دوست آھي.ان موقعي تي غلام محمد ڏيرو.علي بخش ميتلو.حبيب الله عالماڻي.وڏيرو شمن خان جوڻيجو. مولا بخش ڪانڌڙو.نجف علي سرگاڻي.رياض احمد ڀٽو.نثار احمد جتوئي.مير شھمير علي ميراڻي. قاضي نور حسين جوڻيجو.زاھد حسين سومرو.عبدالله زُھراڻي. ذيشان علي ميمڻ.اياز حسين جت. ظھير احمد قريشي.بابر جوڻيجو. ساجد سولنگي. سڪندر علي قريشي.قادر بخش گاڏھي.برڪت علي چنو.اصغر علي ڏيرو.عاقب حسين قريشي ۽ ٻيا موجود ھئا.