سياسي، سماجي ۽ مقامي معزز شخصيتن جي تقريب ۾ شرڪت، فلاحي قدم انسانيت جي خدمت جو بهترين مثال قرار
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽبل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ مورجھنگو ۾ هڪ پروقار ۽ اثرائتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران 50 کان وڌيڪَ معذور ماڻهن ۾ ويل چيئرون ورهايون ويون، ان موقعي تي سياسي، سماجي ۽ مقامي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن فلاحي قدم کي انسانيت جي خدمت جو بهترين مثال قرار ڏنو، تقريب ۾ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر مير امان الله خان ٽالپر، قومي اسيمبلي جي ميمبر نيلم ڪماري، ضلعي صدر مظفر ٽالپر، موهن لال موتي، سيد صفدر علي شاهه، ڊسٽبل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو باني جاويد رئيس، طارق سميل، بابيت اقبال سميت ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون، ڊسٽبل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي باني جاويد رئيس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته معذور ماڻهن جي خدمت سندن مشن آهي ۽ هو انهن جي زندگي آسان بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن مخير حضرات ۽ سماج جي سڀني طبقن کي اپيل ڪئي ته هو هن نيڪ ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن، ڊاڪٽر مير امان الله خان ٽالپر چيو ته معذور ماڻهون سماج جو اهم حصو آهن ۽ انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، هن قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙن فلاحي ڪمن کي وڌيڪَ وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪَ ماڻهون فائدو حاصل ڪري سگهن، ن ليگ جي اقليتي ايم اين اي نيلم ڪماري چيو ته حڪومت معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ اهڙا پروگرام ان سلسلي جي اهم ڪڙي آهن، هن زور ڏنو ته اهڙو سماج قائم ڪرڻو پوندو جتي هر فرد کي برابر جا موقعا حاصل هجن، طارق سميل چيو ته هي تقريب صرف ويل چيئرون ورهائڻ جو عمل ناهي پر اميد، خودمختياري ۽ باوقار زندگي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، هن يقين ڏياريو ته ڊسٽبل ويلفيئر ايسوسيئيشن مستقبل ۾ به اهڙا فلاحي پروگرام جاري رکندي، موهن لال موتي چيو ته سماج جي ڪمزور طبقن جي خدمت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ اهڙا قدم نه رڳو حوصلہ افزائي ڪن ٿا پر زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو نئون حوصلو پڻ ڏين ٿا، تقريب جي آخر ۾ مستحق معذور ماڻهن ۾ ويل چيئرون ورهايون ويون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن هن قدم کي ڀرپور ساراهيندي ان کي انسان دوستي ۽ سماجي ذميواري جي روشن مثال قرار ڏنو.
0 تبصرے