سنڌڙي: ھڱورنو جي ڳوٺ حاجي خير محمد مري ۾ ناري مڙس هٿان قتل

35ورهين جي بينظير کي سندس مڙس خان محمد سولنگي ڪوڏر جا وار ڪري قتل ڪيو: وارث

سنڌڙي: ھڱورنو جي ڳوٺ حاجي خير محمد مري ۾ ناري مڙس هٿان قتل

سنڌڙي (رپورٽر) سنڌڙي لڳ ھنڱورنو جي ڳوٺ حاجي خير محمد مري ۾ مڙس پاران ڪوڏر جا وار ڪري پنھنجي زال 35 ورھين جي بينظير سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو، ناري جي ڀاءُ نور الدين سولنگي جو چوڻ هو ته جوابدار خان محمد سولنگي کي اچانڪ دماغي دؤرو پيو جنھن پنھنجي زال کي مارڻ بعد اتي موجود ماڻھن ۽ گاڏين تي حملو ڪيو، جوابدار کي ھڪ دفعو اڳ ۾ به اھڙي قسم جو دؤرو پيو ھو قانوني ڪاروائي ڪنداسين ڪيس داخل ڪرائينداسين جوابدار کي ڳوٺاڻن جي مدد سان پڪڙيو آھي جنھن کي ڪنھن جاء تي رکيو آھي پوليس حوالي ڪنداسين ، قتل جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو جوابدار پنج وقت جو نمازي اڄ کيس دؤرو پيو، جوابدار زمين تان گڏ ڪڍي گھر آيو جنھن کان پوء کيس دؤرو پيو، قتل ٿي ويل عورت جي لاش کي ضروري ڪاروائي لاءِ ميرپورخاص اسپتال نيو ويو