English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قائد آباد ۾ گهر مالڪن جو ڪرائيدارن تي ڇرين سان حملو، 2نوجوان زخمي
7 views
|
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
هزاره برادري سان تعلق رکندڙ گهر مالڪن ۽ سنجراڻي برادري سان واسطو رکندڙ ڪرائيدارن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي شير پاؤ، قائد آباد ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ گهر جي مالڪن پاران پنهنجن ڪرائيدارن تي مبينا طور ڇرين سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان سخت زخمي ٿي پيا۔ تفصيلن موجب هزاره برادري سان تعلق رکندڙ گهر مالڪن ۽ سنجراڻي برادري سان واسطو رکندڙ ڪرائيدارن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، جنهن دوران مالڪن مبينا طور گهر اندر گهڙي ڪرائيدارن تي ڇرين جا وار ڪيا۔ حملي جي نتيجي ۾ سرفراز سنجراڻي ۽ نويد سنجراڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ اسپتال ذريعن موجب نويد سنجراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن جو هڪ آپريشن ٿي چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ علاج لاءِ ٻيو آپريشن به متوقع آهي۔ واقعي کانپوءِ جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي ۽ جلد کين گرفتار ڪيو ويندو۔ ٻئي پاسي عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن ۽ مقامي ماڻهن زخمين جي عيادت ڪندي واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Apr 2026
•
دنیا
امریکہ کے ساتھ جنگ بندی کے باوجود جنگ ختم نہیں ہوئی، دشمن کے اہداف کی فہرستیں اپڈیٹ کر رہے ہیں: ایرانی فوج
29th Apr 2026
•
دنیا
آیت اللہ خامنہ ای نے شہادت کو رحمت سمجھتے ہوئے خوشی سے قبول کیا
29th Apr 2026
•
سندھ
لاہور سے موازنہ درست نہیں، کراچی کو اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے کے لیے بڑے وسائل درکار ہیں: مرتضیٰ وہاب
29th Apr 2026
•
تازہ ترین
انٹرپول نے ملک ریاض اور ان کے بیٹے کے ریڈ وارنٹ جاری کر دیے، دونوں جلد گرفتار ہوں گے: نیب
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
يومِ مئي: سنڌ جو مزدور جديد دور ۾ به حقن کان محروم
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري سان اغوا بعد هڪ مهيني تائين جنسي زيادتي جو انڪشاف
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
بن قاسم پوليس پاران ڪوئلي چوري جي ڪوشش ناڪام، 4 جوابدار گرفتار
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين لاءِ انٽرويو وٺڻ جو عمل جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قائد آباد ۾ گهر مالڪن جو ڪرائيدارن
0 تبصرے