English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪاٺوڙ ۾ پاڻي جو بحران سنگين، شهري پريشان، پاڻي جي واحد پائپ لائين تي رش، ڪلاڪن تائين انتظار
187 views
|
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سرڪاري اسڪيم جو پاڻي وڪرو ٿيڻ جا الزام، اختيارين کان نوٽيس جي گهر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪاٺوڙ شهر جي رهواسين لاءِ صاف پيئڻ جو پاڻي وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، جتي بازار وارا ۽ عام شهري پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ مقامي ماڻهن موجب، علائقي جي هڪ وڏي جامع مسجد جي انتظاميا پاران مهرباني طور هڪ پائپ لائين ڪنيڪشن فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن مان شهرين پاڻي ڀرين ٿا، پر هتي ايترو رش ٿي وڃي ٿو جو ماڻهن کي پنهنجي واري لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي هن واحد سهولت کي به بند ڪرڻ جو ڪوششون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب رهواسين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي۔ شهر ڀرسان موجود سرڪاري واٽر سپلاءِ اسڪيم بابت الزام آهي ته ان جو پاڻي منظم طريقي سان عوام تائين پهچڻ بدران ڪجهه دڪاندارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي۔ شهرين شڪايت ڪئي آهي ته هن اهم مسئلي تي لاڳاپيل ادارا بي ڌياني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت لاءِ ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهن۔ رهواسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، واٽر سپلاءِ نظام کي شفاف بڻايو وڃي ۽ شهرين کي بنا تڪليف صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪاٺوڙ ۾ پاڻي جو بحران سنگين،
0 تبصرے