نوشهروفيروز: ڳوٺ ليٽ لنگر مان گرفتار ڳوٺاڻو پوليس جي حراست ۾ فوت

مٺياڻي ۽ سي آءِ اي پوليس پاران گرفتار ڪيل مقصود چانڊيو پوليس حراست ۾ دم ڏئي ڇڏيو

نوشهروفيروز: ڳوٺ ليٽ لنگر مان گرفتار ڳوٺاڻو پوليس جي حراست ۾ فوت

نوشهرو فيروز(ڊ ر)مٺياڻي ۽ سي آءِ اي پوليس پاران ڳوٺ ليٽ لنگر ۾ ڇاپي دوران گرفتار ڪيل ڳوٺاڻو مقصود چانڊيو پوليس حراست ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته پوليس تشدد سبب سندس موت واقع ٿيو آهي۔ سول اسپتال ۾ موجود فوتي جي وارث مسرور چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٺياڻي ۽ سي آءِ اي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي ڳوٺ ليٽ لنگر چانڊيو ۾ گهرن تي ڇاپا هڻي مقصود چانڊيو کي گرفتار ڪري پاڻ سان کڻي وئي، ڪجهه دير بعد اطلاع مليو ته هو فوت ٿي ويو آهي۔ هن الزام لڳايو ته پوليس تشدد ڪري مقصود چانڊيو کي قتل ڪيو آهي۔ ٻئي طرف ايس ايڇ او نوشهرو فيروز منعم لاڙڪ جو چوڻ آهي ته سي آءِ اي پوليس لاش سول اسپتال حوالي ڪندي ٻڌايو ته مقصود چانڊيو کي مٺياڻي لڳ جوا جي اڏي تان گرفتار ڪيو ويو هو، جتي کيس اوچتو دل جو دورو پيو جنهن سبب سندس وفات ٿي وئي۔ پوليس موجب مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن بعد موت جو اصل سبب سامهون اچي سگهندو۔