هڱورجا ڀرسان ڳوٺ محمد آچر سهتو ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

سياسي سماجي اڳواڻ نصير محمد سهتو مرحوم جي ياد ۾ ڪيمپ لڳائي وئي

هڱورجا ڀرسان ڳوٺ محمد آچر سهتو ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

هڱورجا(رپورٽر)هڱورجا لڳ ڳوٺ محمد آچر سهتو ۾ اڳوڻي سياسي سماجي اڳواڻ نصير محمد سهتو مرحوم جي ياد ۾ يادگار ڪاميٽي پاران علائقي جي عوام جي سهوليت لاءِ ھڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر طارق حسين سميت سندس ٽيم ليب سپروائيزر امجد علي ڀٽو. ايڪسري ٽيڪنيش سڪندر خاصخيلي سميت مشتاق احمد. شاھ محمد جمالي جن ڪيمپ تي آيل مريضن جي چڪاس ڪئي ۽ علاج تجويز ڪيو جن کي مفت دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي مرحوم نصير محمد سهتو ياد گار ڪاميٽي جي اڳواڻن ولي محمد سهتو. محمد عظيم سهتو ۽ ڪائونسلر امتياز حسين جانوري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو مقصد علائقي جي غريب ماڻهن کي گهر جي ويجهو مفت علاج جي سهولت مهيا ڪرڻ هو جنهن مان وڏي انگ ۾ رهواسين فائدو حاصل ڪيو ۽ ايندڙ وقت ۾ به ان قسم جي عوام جي خدمت ۽ سهولت لاءِ ڪيمپون لڳايون وينديون.