English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ انڊس اسپتال ۽ حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان ويڪسين مهم بابت اجلاس
208 views
|
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر)انڊس اسپتال ۽ حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان ايڇ پي وي (هيومن پيپي لوما وائرس) ويڪسين مهم بابت هڪ اهم اجلاس ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس نوشھرو فيروز ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحت کاتي جي عملدارن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي ۽ مهم جي اڳڀرائي تي تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو۔اجلاس جي صدارت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو ڪئي، جڏهن ته انڊس اسپتال جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر گلزار ناريجو، فوکل پرسن ڊاڪٽر فتاح بلال، ڊاڪٽر وجي ڪمار، ڊاڪٽر شاندانه بلوچ (ڪوآرڊينيٽر سنڌ ليڊي هيلٿ پروگرام)، يو سي ايم او ڊنگيجا ميڊم ڪلثوم راجپر، شهناز رانجهاني ۽ ٻين ليڊي هيلٿ ورڪرز، سپروائيزرز ۽ ويڪسينيٽرز پڻ شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران ايڇ پي وي ويڪسين مهم، جيڪا 9 سالن جي ڇوڪرين کي سروائيڪل ڪينسر جهڙي موتمار بيماري کان بچائڻ لاءِ لڳائي پئي وڃي، تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ مختلف ڊاڪٽرن پنهنجي فيلڊ جي ڪارڪردگي، نتيجن ۽ درپيش مسئلن بابت رپورٽون پيش ڪيون۔ ان موقعي تي گلزار ناريجو تفصيلي پريزنٽيشن ڏيندي ٻڌايو ته ٽيمون ڪيئن فيلڊ ۾ گهر گهر وڃي ويڪسين لڳائي رهيون آهن، جڏهن ته ويڪسين دوران پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل بابت به آگاهي ڏني وئي۔ ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايڇ پي وي ويڪسين مهم عوامي صحت لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان سان مستقبل ۾ ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري کان بچاءُ ممڪن بڻجي سگهي ٿو۔ هن عملي کي هدايت ڪئي ته مهم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ وڌ کان وڌ ڇوڪرين تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي۔ اجلاس جي آخر ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته صحت کاتو نوشھرو فيروز ۽ انڊس اسپتال جي گڏيل سهڪار سان هن مهم کي ڪامياب بڻايو ويندو ۽ ضلعي سطح تي ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ته جيئن وڌيڪ ڇوڪريون هن ويڪسين مان فائدو حاصل ڪري سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ انڊس اسپتال ۽ حڪومتِ سنڌ
0 تبصرے