ملير پوليس جو غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون، 4 افغاني سوگها

ايس ڊي پي او ملير سٽي ۽ ايس ايڇ او ملير سٽي جي نگراني هيٺ پوليس جي ڪارروائي

ملير پوليس جو غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون، 4 افغاني سوگها

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ضلعي ملير ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايس ڊي پي او ملير سٽي ۽ ايس ايڇ او ملير سٽي جي نگراني هيٺ پوليس ڪارروائي ڪندي 4 غير قانوني افغان شهرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو پوليس ترجمان موجب گرفتار ڪيل افغان شهرين کي مڪمل پروفائيلنگ ۽ پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي جي ايندڙ مرحلن لاءِ محفوظ طريقي سان افغان هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. تحويل ۾ ورتل شهرين ۾ ولي محمد ولد عبدالنبي، عبدالباري ولد عبدالنبي، عبدالمالك ولد عبدالنبي ۽ عبدالغفار ولد غلام نبي شامل آهن ضلعي ملير پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ضلعي اندر غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف ڪارروايون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهنديون ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.