English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ڀرسان اسڪول جي ڀت ڪِرڻ سبب 3 ٻارڙيون دٻجي فوت
7 views
|
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڳموري جي ڪوري پاڙي ۾ دل ڏاريندڙ حادثي دوران اسڪول جي زبون حال ديوار اوچتو ڪرڻ سبب ٽي معصوم نياڻيون دٻجي فوت ٿي ويون، جنهن بعد سڄي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي ۽ هر اک آليون ٿي ويون، خبر موجب مدرسي مان گهر واپس ويندڙ معصوم ٻارڙيون اسڪول جي ديوار ڀرسان لنگهي رهيون هيون ته اوچتو پراڻي ۽ ڪمزور ديوار ڪرڻ سبب اهي دٻجي پيون، فوت ٿيندڙن ۾ 13 ورهين جي صغرا ڌيءَ ابوبڪر ڪوري، 4 ورهين جي رابيعه ڌيءَ فاروق ۽ 3 ورهين جي ڪنيزا شامل آهن، واقعي بعد علائقي واسين ۽ وارثن پاران فوري طور تي ٻارڙين کي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٽنهي نياڻين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گهر پهچڻ تي هر طرف ڪهرام مچي ويو، گهرن مان رڙين ۽ آهه و زاري جون صدائون بلند ٿينديون رهيون، جڏهن ته سوڳوار ماحول سبب سڄو ڳوٺ غم ۾ ٻڏي ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري جاچ ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ٽن معصوم نياڻين جي المناڪ فوتگي تي سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت شهرين ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جي وقت سر مرمت ۽ سار سنڀال ڪئي وڃي ها ته شايد اڄ اهي معصوم زندگيون بچي وڃن ها، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي اندر موجود سمورين خطرناڪ ۽ زبون حال اسڪول عمارتن جو هنگامي بنيادن تي سروي ڪرائي مرمت يا نئين سر تعمير ڪرائي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن دردناڪ واقعن کان بچي سگهجي، ٻئي طرف واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پڻ سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، جتي سوشل ميڊيا صارفين تعليم کاتي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ۽ متاثر خاندانن لاءِ مناسب معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ڀرسان اسڪول جي ڀت
0 تبصرے