ٺٽي جي عدالت زمين تي قبضي ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

سزا ٻڌايل جوابدارن ۾ جمن بڪيرو، حنيف بڪيرو، محمد بڪيرو، فقيرو، احمد ۽ شيرو بڪيرو شامل

ٺٽي جي عدالت زمين تي قبضي ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ٺٽو جي ماڊل ڪورٽ جي جج اسلام الحق آرائين غيرقانوني زمين قبضي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي فريادي عبدالشڪور ولد محمد عمر ڀٽي جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد جمن، حنيف، محمد، فقيرو، احمد ۽ شيرو بڪيرو کي 7، 7 سال قيد ۽ ھڪ ، هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته سمورن جوابدارن کي جيل اماڻڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ٠عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ايس ايس پي ٺٽو کي هدايت ڪئي ته فريادي عبدالشڪور ڀٽي کي سندس زمين جو قبضو 20 ڏينهن اندر واپس ڏياريو وڃي ٠واضح رهي ته فريادي عبدالشڪور ڀٽي جي ڪيس جي پيروي ناليواري قانوندان ايڊوڪيٽ اعجاز جماڻي ڪئي جنهن عدالت آڏو دليل ڏئي ڪيس ثابت ڪيو ٠