English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان مزاحمتي شاعر علي صفدر جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي
8 views
|
29th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ۾ شاعر ۽ ليکڪ وحيد محسن جي صدارت هيٺ تعزيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان جوانيءَ ۾ وڇڙي ويل مزاحمتي شاعر، ناول نگار ۽ حساس تخليقڪار علي صفدر جي ياد ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ شاعر ۽ ليکڪ وحيد محسن جي صدارت هيٺ تعزيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ادب دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران علي صفدر جي ادبي، فڪري ۽ تخليقي خدمتن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، گڏجاڻي جي ڪارروائي سيڪريٽري مجيب سنڌي هلائي. صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري نامياري ليکڪ ۽ شاعر وحيد محسن چيو ته علي صفدر پنهنجي قلم وسيلي سچ، مزاحمت ۽ انسان دوستي جو پيغام عام ڪيو. هن چيو ته علي صفدر جي شخصيت انتهائي حساس، باوقار ۽ فڪر سان ڀرپور هئي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ اهڙو ادبي سرمايو ڇڏيو، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو ذريعو بڻيل رهندو، هن چيو ته علي صفدر جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آهي، خاص مهمان نامياري شاعر اقبال شاهين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته علي صفدر انهن تخليقڪارن مان هو، جن ادب کي سماجي تبديليءَ جو وسيلو بڻايو، سندس شاعري ۽ نثر ۾ عام ماڻهوءَ جي درد، جدوجهد ۽ اميدن جي سچي عڪاسي ملي ٿي، هن چيو ته علي صفدر جي ادبي پورهئي کي محفوظ ڪري نئين نسل تائين پهچايو وڃي، ناليواري شاعر سيد غفور شاھ تقوي چيو ته علي صفدر صرف شاعر يا ناول نگار نه پر پنهنجي دور جو هڪ سگهارو مزاحمتي آواز هو، هن چيو ته مرحوم هر قسم جي ناانصافي خلاف قلم کنيو ۽ هميشه انسانيت، برابري ۽ حق جي ڳالهه ڪئي، سندس فڪر سدائين زنده رهندو، نوجوان شاعر ديوانو ديدار گاڏهي چيو ته علي صفدر جي شخصيت محبت، سادگي ۽ تخليقي سگهه جو حسين ميلاپ هئي، هن چيو ته سندس لکڻين ۾ ڌرتي، ماڻهن ۽ ثقافت سان بي پناھ محبت نظر اچي ٿي، جيڪا کيس ٻين کان منفرد بڻائي ٿي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي سيڪريٽري مجيب سنڌي چيو ته علي صفدر سنڌي ادب جو اهڙو روشن باب آهي، جنهن کي وساري نٿو سگهجي، هن چيو ته علي صفدر پنهنجي تخليقن وسيلي نه رڳو ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ ماڻي، پر سماج ۾ شعور، مزاحمت ۽ انساني قدرن کي پڻ هٿي ڏني، سندس ادبي پورهيو هميشه پڙهندڙن ۽ ادب دوستن جي يادگيرين ۾ زنده رهندو، خوبصورت شاعر مظهر حسين وريائي چيو ته تخليقڪار جسماني طور اسان کان وڇڙي سگهن ٿا، پر سندن لفظ، فڪر ۽ ادب هميشه زنده رهندا آهن، هن چيو ته علي صفدر جو ادبي ورثو نوجوان ليکڪن لاءِ اتساهه ۽ رهنمائي جو سرچشمو رهندو، تنهن ڪري سندس ڪم کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي خزانچي عبدالخالق ڀٽي، علي صفدر جا غزل ڳائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، گڏجاڻي ۾ عبدالمجيد عاصم ابڙو، سامي ميمڻ، عبدالغفار عبد ميمڻ، قمبر ٻُٽ، عنايت علي شاهه، عبدالخالق ڀٽي، عتيق الرحمان، محمد احمد ڪورائي، پنهل پياسي، مختيار مگسي، سليمان شاھ، نور حسن چڻا، غلام ياسين سيلرو، اصغر مهرائي، جواد بلوچ، فياض علي، علي اصغر، وهاب گبول، اقبال ڪلمتي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي پڄاڻي تي مرحوم علي صفدر جي مغفرت، سندس پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي وئي، جڏهن ته ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ويو ته علي صفدر جي ٻارڙن جي سارسنڀال ۽ هر ممڪن سهائتا لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2026
•
دنیا
فرانس میں اسکائی ڈائیورز کا طیارہ حادثے کا شکار، پائلٹ، طلبہ اور انسٹرکٹرز سمیت 11 افراد ہلاک
29th Jun 2026
•
تازہ ترین
اگر فوجی کارروائی مکمل کرنا پڑی تو ایران کا وجود باقی نہیں رہے گا، ٹرمپ کی ایران کو سخت وارننگ
29th Jun 2026
•
دنیا
سعودی عرب میں آرامکو کا ہیلی کاپٹر گر کر تباہ، 14 افراد جاں بحق
29th Jun 2026
•
صحت
آدھے کچے انڈے کھانے والوں کے لیے وارننگ! طاقت نہیں، زہر کھانے سے بچیں
29th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
رپڙي ڀرسان پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙي دوران 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي
29th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ ڳوٺ الجديد سوسائٽي ويجهو فائرنگ، پوليس اهلڪار زخمي
29th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز پريس ڪلب جي نئين عمارت جو ڪم جاري
29th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت زمين تي قبضي ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان مزاحمتي شاعر
0 تبصرے