ملير: رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ جا رهواسي ڪميونٽي سينٽر سميت بنيادي سهولتن کان محروم

ملير: رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ جا رهواسي ڪميونٽي سينٽر سميت بنيادي سهولتن کان محروم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي علائقي رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ جا رهواسي گذريل 18 ورهين کان بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار آهن، ۽ اڄ تائين سندن آواز تي ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي. علائقي جي سماجي اڳواڻ عابد اسحاق ۽ مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هر چونڊ مهم، عوامي ملاقاتن، سرڪاري آفيسن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪيترائي ڀيرا درخواستون پيش ڪيون ويون، پر انهن کي صرف وعدا ۽ خاطريون ئي مليون مقامي ماڻهن موجب ڳوٺ ۾ سرڪاري پاڻي جي فراهمي، معياري تعليمي سهولتن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جو سخت فقدان آهي، پر سندن سڀ کان اهم ۽ ڊگهو مطالبو ڪميونٽي سينٽر جي تعمير آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته شاديون، جنازا ۽ ٻيون سماجي تقريبون دوران مهمانن کي کليل آسمان هيٺ ۽ مٽي ۽ مٽيءَ واري ماحول ۾ ويهارڻو پوي ٿو، جنهن سبب کين وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. عوامي ماڻهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مختلف علائقن ۾ ڪميونٽي سينٽر جا منصوبا منظور ٿي مڪمل به ڪيا ويا آهن، پر رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته جڏهن عوام سالن تائين صرف درخواستون ڪندي رهي ۽ ان باوجود ڪا به اڳڀرائي نه ٿئي، ته اهو وسيلن جي کوٽ نه پر ترجيحن جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو رستم ڪلمتي بلوچ ڳوٺ جي رهواسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت، چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هن ڊگهي مسئلي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ علائقي ۾ ڪميونٽي سينٽر جي تعمير واري منصوبي کي عملي شڪل ڏني وڃي، ته جيئن 18 سالن کان جاري عوامي انتظار ختم ٿي سگهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته کين اميد آهي ته هن ڀيري سندن خاموش فرياد لاڳاپيل حلقن تائين ضرور پهچندي ۽ سندن جائز مطالبو پورو ڪيو ويندو.