شڪارپور: قيدي پاران ٻاهر ويٺلن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه ۾ صدارت ناهي: جيل سپريڊنٽ

جيل جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪنهن به قيدي کي موبائل فون رکڻ يا فون تي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي آهي: ذوالفقار خان پٺاڻ

شڪارپور: قيدي پاران ٻاهر ويٺلن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه ۾ صدارت ناهي: جيل سپريڊنٽ

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جيل مان قيد ڏوهاري نثار بنگلاڻي پاران ڀٽا برادري کي فون تي ڌمڪيون ڏيڻ جي حوالي سان سامهون آيل سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي جيل انتظاميا پنهنجي موقف ۾ انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ شڪارپور جيل جي سپريڊنٽ آغا ذوالفقار علي خان پٺاڻ پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نثار بنگلاڻي طرفان جيل اندر ويهي ڀٽا برادري کي فون تي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه درست ناهي هن چيو ته جيل جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪنهن به قيدي کي موبائل فون رکڻ يا فون تي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي آهي، تنهن ڪري جيل اندر اهڙي قسم جي سرگرمي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. جيل سپريڊنٽ آغا ذوالفقار پٺاڻ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو قيدي عدالتي پيش يا ڪورٽ حاضري جي سلسلي ۾ جيل کان ٻاهر وڃي ۽ اتي ڪنهن سان رابطو ڪري يا فون تي ڳالهائي ٿو ته ان جي ذميواري جيل انتظاميا تي عائد نٿي ٿئي هن وضاحت ڪندي چيو ته جيڪڏهن نثار بنگلاڻي به ڪورٽ حاضري دوران ڪنهن سان رابطو ڪيو آهي ته ان بابت جيل انتظاميا کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي. واضح رهي ته تازو ڪجهه ماڻھن طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته نثار بنگلاڻي جيل مان ڀٽا برادري جي ماڻهن کي فون تي ڌمڪيون ڏنيون آهن، جنهن کان پوءِ معاملو بحث جو موضوع بڻجي ويو. جيل انتظاميا پنهنجي وضاحتي بيان ۾ اهڙن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته جيل اندر سيڪيورٽي ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو. اھڙي ڪابه ڳالهه ناھي