English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ٽائون جي 4 ارب 4 ڪروڙ 22 لک رپين جي بجيٽ منظور
198 views
|
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ جي صدارت هيٺ بجيٽ بابت اجلاس ٿيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ جي صدارت هيٺ مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ بابت خصوصي اجلاس ٿيو جنهن دوران شهيد اڳواڻ بينظير ڀٽو شهيد جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي سندس درجات جي بلندي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي ان موقعي تي فنانس ڪميٽي جي چيئرمين محمد رفيق جوکيو مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ جا تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ته ٽائون جو مجموعي بجيٽ 4 ارب 4 ڪروڙ 22 لک رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ OZT فنڊز سميت ٽائون جي آمدني جا ٻيا ذريعا شامل آهن هن ٻڌايو ته بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچن، ملازمن جي پگهارن، مرمت ۽ سار سنڀال، متفرق خرچن سان گڏ هلندڙ ترقياتي منصوبن، واٽر سپلاءِ اسڪيمن، نيڪالِ آب جي منصوبن، روڊن جي تعمير ۽ مرمت، پارڪن جي بحالي، فلاحي منصوبن ۽ ٻين عوامي سهولتن لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. اجلاس دوران ڪائونسل جي ميمبرن بجيٽ تي تفصيلي بحث ڪندي مختلف تجويزون پيش ڪيون. پارلياماني ليڊر مير عباس ٽالپر، پي ايس 85 جي صدر مرتضيٰ يار محمد بلوچ، پي ايس 85 جي جنرل سيڪريٽري عبدالستار جوکيو سميت دادا ڪريم بلوچ، امن دين جوکيو، سليم ميمڻ، علي محمد گبول، عيسيٰ بلوچ، دانش برفت ۽ سني عاشق مسيح بجيٽ بابت پنهنجا خيال پيش ڪيابعد ۾ بجيٽ کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته هن بجيٽ ۾ گڊاپ ٽائون جي ترقي ۽ شهرين کي بهتر بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسٽريٽ لائيٽن، صفائي سٿرائي، صحت عامه ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن ۽ مستقبل ۾ به وڌيڪ ترقياتي ڪم جاري رکيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهن ۽ سندن سهڪار کان سواءِ ڪو به ادارو ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ٽائون جي 4 ارب 4 ڪروڙ 22 لک رپ
0 تبصرے