ساس ڪراچي شاخ جي دستوري گڏجاڻي، عورت قوم جي مستقبل جي معمار آهي:مقرر

ليکڪ نصيرسومرو جي صدارت ھيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ راشد لکمير غزل ۽ سليم انور تاثراتي مضمون “عورت ڇا آهي؟” تنقيد لاءِ پيش ڪيا

ساس ڪراچي شاخ جي دستوري گڏجاڻي، عورت قوم جي مستقبل جي معمار آهي:مقرر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي دستوري گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي گل رنگ ھال ۾نامياري ڪھاڻيڪار ناولنگار نصيرسومرو جي صدارت ھيٺ ٿي گذري گڏجاڻي جي ڪارروائي شاخ جي سيڪريٽري نثارنازرڪ ھلائي گڏجاڻي ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير غزل، سليم انور عباسي تاثراتي مضمون “عورت ڇا آهي؟” تنقيد لاءِ پيش ڪيا، دستوري گڏجاڻي ۾ صاحب خان ڀنڊ، وحيد محسن، واحد سومرو, شاھنواز گھوٽو، رکيل مورائي، مرتضيٰ ناز، غفور کتري، محب لغاري، مختيارسومرو، سارنگ جويو، ساگرراڄپر، امين جويو، اقبال ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، صدارتي ويچار ونڊيندي مضمون “عورت ڇا آهي؟” تي نصيرسومرو ۽ ٻين چيو ته عورت جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ ماءُ جي روپ ۾ ٻارن جي شخصيت جي تعمير ڪري ٿي. هڪ سٺي ۽ تعليم يافته ماءُ پنهنجي اولاد کي علم، اخلاق، نظم ۽ ضبط جا سبق سيکاري ٿي. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا اڳواڻ آهن، تنهن ڪري عورت دراصل قوم جي مستقبل جي معمار آهي. جيڪڏهن عورت کي بهتر تعليم ۽ تربيت جا موقعا ملن ته هوءَ هڪ باشعور نسل تيار ڪري سگهي ٿي اسلام پڻ عورت کي عزت، وقار ۽ برابري جا حق عطا ڪيا آهن. اسلام عورت کي تعليم حاصل ڪرڻ، ملڪيت رکڻ ۽ سماجي زندگي ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏئي ٿو. تاريخ ۾ ڪيترين ئي مسلمان عورتن علم، ادب ۽ سماجي خدمتن ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي گڏجاڻي جي آخر ۾ رابطا سيڪريٽري راشد لکمير صاحب جي سس ۽ خزانچي شاخ ڪراچي وحيد سمون جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيتي دعا پڻ گهري وئي.