عمرڪوٽ گدام روڊ ڀرسان تيز رفتار جيپ جي رڪشي سان ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

عمرڪوٽ گدام روڊ ڀرسان تيز رفتار جيپ جي رڪشي سان ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي گدام روڊ ڀرسان تيز رفتار جيپ ۽ رڪشي جي وچ ۾ پيش آيل ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن سان علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، خبر موجب گدام روڊ تي تيز رفتار سان ايندڙ جيپ رڪشي کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن سبب رڪشي ۾ سوار 50 ورهين جو ڀورو ولد کيتو مالهي، رهواسي چنديرام پاڙو، عمرڪوٽ، سخت زخمي ٿي پيو، واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن ۽ امدادي ٽيم زخمي کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران علاج جون ڪوششون ڪيون ويون، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته فوتي جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي واسين تيز رفتاري کي حادثي جو اهم سبب قرار ڏيندي ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.