English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هڱورجا ۾ سگا جي 54هين سالگرهه تقريب منعقد
120 views
|
04th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا(رپورٽر)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) برانچ ھنڱورجا پاران سگا جي 54هين سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان پريس ڪلب ھنڱورجا ۾ ملهائي وئي. سالگره تقريب ۾ سگا جي عهديدارن، ميمبرن، سماجي ڪارڪنن، استادن، اديبن ۽ شھر جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب سگا جي اڳواڻن گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ تنظيم جي ڪاميابين تي خوشي جو اظهار ڪيو. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن سگا جي سماجي، تعليمي ۽ فلاحي خدمتن کي ساراهيندي تنظيم جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سگا جي اڳواڻن عبدالسميع ڀنڀرو، غلام جعفر ٽانوري، پروفيسر نورالدين شيخ، غلام حسين چانگ، بختيار چنو، غلام سرور تنيو. شمن راڄپر حاڪم سھتو .غلام شبير تنيو.بختيار چنو.ٻڍل سھتو. عبدالرحيم سيال.وقار حطار عبدالجبار چانگ.وحيد جانوري عمران چانگ حنيف شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سگا ايشيا جي وڏي ۽ معتبر سماجي تنظيمن مان هڪ آهي، جنهن گذريل 54 سالن دوران تعليم، صحت، سماجي ڀلائي، عورتن جي ترقي، انساني حقن ۽ آفتن جي وقت امدادي سرگرمين جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن مقررن وڌيڪ چيو تہ سگا هميشه سنڌ جي عوام جي خدمت کي پنهنجو اولين فرض سمجهيو آهي. 2010ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏن توڙي 2022ع جي قيامت خيز برساتن دوران سگا متاثر خاندانن تائين راشن، خيما، دوائون ۽ ٻيو ضروري امدادي سامان پهچائي لکين ماڻهن جي مدد ڪئي.ان کان علاوه تنظيم تعليم جي شعبي ۾ اسڪولن، اسڪالرشپن ۽ ٻين منصوبن ذريعي نوجوان نسل جي بهتر مستقبل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ھنن وڌيڪ چيو ته سگا جو بنيادي مقصد بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ تنظيم مستقبل ۾ به پنهنجي فلاحي مشن کي جاري رکندي. مقررن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سماجي خدمتن ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ معاشري جي بهتري لاءِ سگا جهڙين تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪن.تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، سنڌ جي ترقي ۽ سگا جي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هڱورجا ۾ سگا جي 54هين سالگرهه تق
0 تبصرے