English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ 15 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ذهني معذور نياڻي ناياب عرف صنم جو پتو نه پيو، وارثن جي مدد جي اپيل
115 views
|
03rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي عبدالله ڳوٺ مان 15 ڏينهن اڳ گم ٿيل ذهني معذور نياڻي ناياب عرف صنم جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن سبب سندس وارث سخت پريشاني ۽ ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن گم ٿيل ناري جي ڀاءُ ذوھيب کوکر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 21 مئي تي سندس ڀيڻ ناياب عرف صنم پنهنجي امڙ سان گڏ عبدالله ڳوٺ ۾ لڳندڙ بچت بازار مان گهر جو سامان خريد ڪرڻ لاءِ وئي هئي، جتان هوءَ اوچتو گم ٿي وئي هن چيو ته واقعي بعد شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي، پر 15 ڏينهن گذرڻ باوجود نياڻي جو ڪٿان به ڪو سراغ نه ملي سگهيو آهي اظهر کوکر موجب سندس ڀيڻ ذهني معذوري جو شڪار آهي ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان پڻ محروم آهي، جنهن ڪري سندس حفاظت بابت گهر ڀاتين کي سخت ڳڻتي لاحق آهي هن چيو ته وارثن ۽ مائٽن طرفان مختلف علائقن ۽ هنڌن تي ڳولا باوجود نياڻي جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته نياڻي جي گمشدگي سبب گهر ۾ پريشاني ڇانيل آهي، جڏهن ته سندس امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. وارثن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير، پوليس اختيارين ۽ سماجي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته نياڻي جي ڳولا لل۾ سندن مدد ڪئي وڃي ته جيئن ھو هن اذيت ۽ پريشاني مان نڪري سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
معذور نياڻي ناياب عرف صنم جو
0 تبصرے