English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بن قاسم پوليس پاران اسٽيل مل مان اسڪريپ چوري ڪندڙ 7 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
138 views
|
02nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ننڍي عمر جي ٻارن کان چوري ڪرائيندڙ اسڪريپ ڊيلر کي به سوگهو ڪري ورتو آهي: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايتن تي پاڪستان اسٽيل مل مان قيمتي سامان چوري ڪندڙ عنصرن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران بن قاسم پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ مبينا اسڪريپ ڊيلر سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ وقاص نالي اسڪريپ ڊيلر ۽ 6 ننڍي عمر جا ٻار شامل آهن، جن کي مبينا طور چوري جي وارداتن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وقاص پاڻ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ننڍي عمر جي ٻارن کان اسٽيل مل جي مختلف علائقن مان لوهه، ٽامو ۽ ٻيو اسڪريپ چوري ڪرائيندو هو.گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ عبدالرئوف، صديق، الله بچايو، اسلم، حنيف ۽ اسد جي نالن سان ٿي آهي. ڪارروائي دوران پوليس جوابدارن جي قبضي مان 120 ڪلوگرام چوري ٿيل بولٽس، لوهه ۽ ٻيو اسڪريپ به هٿ ڪري ورتو.شروعاتي جاچ موجب جوابدارن جو ٽولو پاڪستان اسٽيل مل مان چوري ڪيل اسڪريپ مختلف گودامن ۽ خريدارن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هو. پوليس جوابدارن جو اڳوڻو ڏوهاري رڪارڊ پڻ حاصل ڪري رهي آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيلن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري وڌيڪ جاچ جاري رکي وئي آهي.پوليس اختيارين موجب ضلعي ملير ۾ ڏوهارين ۽ قومي ملڪيت کي نقصان پهچائيندڙ ٽولن خلاف اثرائتي ڪارروائين جو سلسلو جاري رکيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بن قاسم پوليس پاران اسٽيل مل مان
0 تبصرے