English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: 137سال پراڻي تاريخي آسو وليج اسڪول کي ضم ڪرڻ واري فيصلي خلاف احتجاج
159 views
|
02nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران 137 سال پراڻي تاريخي تعليمي اداري گورنمينٽ پرائمري بوائز اينڊ گرلز اسڪول آسو وليج کي گلِ رعنا سيڪنڊري اسڪول ۾ ضم ڪرڻ واري فيصلي خلاف علائقي واسين سخت ڳڻتي جي لهر پکڙجي ويئي آهي هنن سخت احتجاج ڪندي ان فيصلي کي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.علائقي واسين موجب گورنمينٽ پرائمري بوائز اينڊ گرلز اسڪول آسو وليج 1889ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو علائقي جي تعليمي تاريخ، سڃاڻپ ۽ ورثي جي علامت آهي. هنن جو چوڻ آهي ته بعد ۾ گلِ رعنا سيڪنڊري اسڪول کي هن ئي تعليمي اداري جي حدن اندر منتقل ڪيو ويو هو، تنهنڪري هن تاريخي اسڪول جي الڳ سڃاڻپ ختم ڪرڻ علائقي جي تعليمي تاريخ سان ناانصافي جي برابر آهي. علائقي جي رهواسين وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته تعليم کاتي جي ضلعي عملدارن گورنمينٽ پرائمري اسڪول فاطمي کي پڻ آسو وليج اسڪول جي عمارت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اڳ ئي محدود جڳهه ۽ ڪلاس رومز جي کوٽ جا مسئلا وڌيڪ سنگين ٿي ويا آهن. علائقي واسين سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير تعليم، تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي بلدياتي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته آسو وليج اسڪول جي تاريخي حيثيت بحال ڪئي وڃي، انضمام وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، اسڪول فاطمي کي ڪنهن مناسب متبادل هنڌ منتقل ڪيو وڃي ۽ اسڪول کي درپيش جڳهه ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.هنن چيو ته آسو وليج اسڪول رڳو هڪ تعليمي ادارو نه، پر 137 سالن جي تعليمي تاريخ جو امين آهي، جنهن جي سڃاڻپ، وقار ۽ مستقبل جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: 137سال پراڻي تاريخي آسو وليج
0 تبصرے