ملير: عباس ٽائون ۾ قتل ٿيل لطف علي جو قاتل سندس پٽ نڪتو

پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن ۽ جديد جاچ ذريعن جي مدد سان مقتول جي وڏي پٽ عاطف کي گرفتار ڪري ورتو

ملير: عباس ٽائون ۾ قتل ٿيل لطف علي جو قاتل سندس پٽ نڪتو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) هڪ هفتو اڳ پپري ويجهو عباس ٽائون ۾ گهر اندر تيز ڇري جا وار ڪري هڪ شخص کي قتل ڪرڻ واري سنسني خيز واقعي کي بن قاسم پوليس حل ڪري ورتو آهي. پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن ۽ جديد جاچ ذريعن جي مدد سان مقتول جي وڏي پٽ کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن دوران جاچ پنهنجي والد جي قتل جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي.پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ عاطف ولد لطف علي طور ٿي آهي، جڏهن ته مقتول لطف علي هو. جاچ موجب جوابدار پنهنجي والد سان گهريلو معاملن ۽ ذاتي رنجشن سبب اختلافن جو شڪار هو.پوليس موجب واقعي واري ڏينهن جوابدار گهر اندر پنهنجي والد تي تيز ڌار ڇري سان وار ڪيا، جنهن سبب لطف علي سخت زخمي ٿي پيو. مقتول زخمن جي سٽ نه سهندي واقعي واري هنڌ ئي دم ڏئي ڇڏيو.بن قاسم پوليس موجب ابتدائي جاچ دوران جوابدار اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته واقعو گهريلو رنجش جو نتيجو هو. وڌيڪ جاچ ۾ اهو به معلوم ٿيو ته جوابدار قتل جي اڳواٽ رٿابندي ڪئي هئي ۽ عيد کان اڳ شاهه ٽائون مان هڪ تيز ڌار ڇري خريد ڪري رکي هئي، جيڪا بعد ۾ واردات دوران استعمال ڪئي وئي. جاچ اختيارين موجب واقعي دوران مقتول پنهنجي جان بچائڻ ۽ جوابدار کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر جوابدار بي رحمي سان لڳاتار وار ڪندو رهيو، جنهن سبب هو زندگي وڃائي ويٺو.پوليس ذريعن موجب گرفتار جوابدار جاچ دوران پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته سندس اعترافي بيان جي وائس رڪارڊنگ به سامهون آئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي بابت اهم ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، جن جي بنياد تي ڪيس کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي.پوليس موجب گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ تفصيلي جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس جي مختلف پهلوئن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.علائقي واسين واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مقتول جي وارثن کي انصاف ملي سگهي.