ٺٽو(شفيق ڀٽي) تماڪ جي استعمال خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ سجاڳ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي پاران ڇتوچنڊ ۾ آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن جو مقصد عوام خاص طور نوجوانن ۾ تماڪ جي استعمال جي نقصانن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ مثبت پيغام پهچائڻ هو. تقريب ۾ سماجي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائيندن ۽ مقامي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سماجي اڳواڻ ابراھيم ھيجب، ڪامريڊ يار محمد، جعفر ھيجب ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ تماڪ جو استعمال نہ رڳو انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهي، پر اهو مختلف موتمار بيمارين جو پڻ وڏو سبب بڻجي رهيو آهي، سگريٽ، گٽڪو، نسوار ۽ ٻين نشي آور شين جو استعمال نوجوان نسل جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ھنن چيو تہ تماڪ جي استعمال خلاف ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماڻهن کي تماڪ جي استعمال سبب ٿيندڙ صحت جي خطرن کان آگاھ ڪرڻ آهي، هر سال لکين ماڻهو تماڪ سان لاڳاپيل بيمارين سبب زندگي وڃائي ويهن ٿا، تنهن ڪري ضروري آهي تہ سماج جي هر فرد تائين آگاهي جو پيغام پهچايو وڃي. ھنن چيو تہ تماڪ جي استعمال سان ڦڦڙن جي ڪينسر، دل جي بيمارين، ساھ جي تڪليفن ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.
0 تبصرے