جماعت اهلسنت سنڌ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد

بعد ۾ مزار شريف تي حاضري ڏني وئي ۽ چادر شريف جو تحفو پيش ڪيو ويو

جماعت اهلسنت سنڌ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) دربار سلطاني فيڊرل بي ايريا ڪراچي ۾ جماعت اهلسنت صوبي سنڌ جي چيف آرگنائيزر پير محمد ڪمال ميان سلطاني دامت برڪات العاليه جي صدارت هيٺ ۽ ناظمِ اعليٰ جماعت اهل سنت صوبي سنڌ علامه ڊاڪٽر سيد عبدالوھاب قادري جي نظامت ۾ جماعت اهل سنت صوبي سنڌ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ ناظمِ اعليٰ ڊاڪٽر سيد عبدالوهاب قادري، سينيئر نائب امير حافظ در محمد، نائب امير سيد عبدالقادر شاه، نائب امير مفتي بشير احمد لاشاري، نائب امير حافظ مصوير سڪندر مقبول سميت نائب ناظم محمد اسلم نوري، سيد غلام مصطفىٰ شاه، قاري احمد علي سعيدي، ناظم تعليم و تبليغ سيد احمد شاه جيلاني، ناظم نشر و اشاعت قاضي نور الاسلام شمس، ناظم خدمت خلق مولانا محمد عرفان سلطاني ۽ ناظم ماليات الحاج توفيق احمد خان صاحبان کان صوبي سنڌ جي عهدن جو حلف ورتو، جڏهن ته پير محمد ڪمال ميان سلطاني، چيف آرگنائيزر جماعت اهل سنت صوبي سنڌ، بينظير آباد ڊويزن جي امير سيد نور احمد شاه جيلاني ۽ ناظمِ اعليٰ حاجي غلام دستگير قريشي کان سندن عهدن جو حلف ورتو، سمورن عالمن ۽ مشائخن جماعت اهل سنت جي پليٽ فارم تان عقيده حق اهل سنت والجماعت جي ترويج ۽ اشاعت، ۽ اهل سنت عوام جي حقن جي تحفظ جو عزم ظاهر ڪندي ملڪ ۾ نظامِ مصطفىٰ ﷺ جي نفاذ لاءِ پنهنجي عملي جدوجهد جاري رکڻ، اسلام جي سربلندي ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ پنهنجون صلاحيتون ۽ وسيلا ڀرپور نموني استعمال ڪرڻ جو عزم ڪيو، محفل جي اختتام تي پير سيد ڪمال ميان سلطاني دامت برڪاتم العاليه دعا فرمائي، جڏهن ته دربار سلطاني جي نائب سجاده نشين يحيٰ سلطاني ڪمالي سمورن معزز مهمانن کي خوش آمديد چيو ۽ ظهرانو پيش ڪيو ويو، بعد ۾ مزار شريف تي حاضري ڏني وئي، چادر شريف جو تحفو پيش ڪيو ويو ۽ لنگر شريف پڻ تقسيم ڪيو ويو.