ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سعود آباد ملير ۾ آر سي ڊي گرائونڊ کان اڳ ايس ٽو نادرا آفيس ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ تازو پرڻيل زال ۽ مڙس قتل ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ ناديا ۽ سندس مڙس طور ٿي آهي، جيڪي ڪجهه وقت اڳ پسند جي شادي ڪري چڪا هئا۔پوليس ٻڌايو ته ٻنهي کي عدالت طرفان 63 سي آر پي سي تحت تحفظ پڻ حاصل هو، جڏهن ته سندن خلاف ٿاڻو سچل ۾ ڪيس داخل هو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي۔ٻئي پاسي جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پوليس مختلف پهلوئن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
0 تبصرے