English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مهينو اڳ پرڻيل ناري جو گهر مان ٽنگيل لاش هٿ، وارثن جو قتل جو الزام، جاچ شروع
134 views
|
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي علائقي ڳوٺ ولهار اوڏ پاڙي ۾ مهينو اڳ پرڻيل نوجوان ناري جو گهر جي ڪمري مان مبينه طور ٽنگيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته وارثن ناري کي قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جو الزام هنيو آهي، خبر موجب ڳوٺ ولهار اوڏ پاڙي جي رهواسڻ ڪريمان زال سومار ڌيءَ ڪرشن اوڏ جو پنهنجي ئي گهر جي ڪمري مان ٽنگيل حالت ۾ لاش هٿ آيو، واقعي جي اطلاع تي سٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي مڙس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو مزدوري لاءِ گهر کان ٻاهر ويو هو، پٺيان اطلاع مليو ته سندس گهر واري جو لاش گهر جي ڪمري ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو آهي، هن چيو ته کيس خبر ناهي ته سندس زال اهڙو انتهائي قدم ڇو کنيو، ٻئي طرف فوتي ناري جي وارثن سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندن ڌيءَ خودڪشي نٿي ڪري سگهي، پر کيس قتل ڪرڻ بعد لاش کي ٽنگي خودڪشي جو ڏيک ڏنو ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب وارثن جي مرضي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪَ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ مهينو اڳ پرڻيل ناري جو
0 تبصرے