English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن پاران مظاهرا
19 views
|
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
احتجاج دوران سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو به ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، تيل جي هٿرادو وڌايل قيمتن، بيروزگاري، لاقانونيت ۽ حڪومتي پاليسين خلاف عمرڪوٽ ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن پاران ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ هزارين ڪارڪنن، شهرين، هارين ۽ مزدورن شرڪت ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي ٿربازار کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي مولانا يعقوب نعماني، مولانا حافظ سليم ڪنڀر، مولوي محمد يوسف سميجو، مولوي شوڪت چانڊيو، عمران ديوبندي، رسول بخش ۽ اياز سرڪي ڪئي، ريلي ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي “مهانگائي نامنظور”، تيل جون قيمتون گهٽايو ۽ عوام کي جيئڻ ڏيو جا نعرا هنيا، پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پڻ عمران خان ۽ مخدوم شاهه محمود قريشي جي آزادي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت خلاف لال هائوس کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، امان الله سمون، سڪندر کوسو، ليکراج مالهي ۽ چني لال مالهي ڪئي، جماعت اسلامي پاران به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي سائين محمد حنيف، علي حيدر شاهه، خان محمد بجير، شوڪت نهڙي، محمد قاسم جوڻيجو ۽ حاجي دودو ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پڻ مهانگائي، تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي گل بجير، ثناءُالله ساند ۽ ڪامريڊ امتياز ڪنڀر ڪئي، اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، مختلف جماعتن جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت هر روز تيل جون قيمتون وڌائي مهانگائي جو نئون طوفان آڻي رهي آهي، جڏهن ته اٽو، کنڊ، گيهه، بجلي، گئس ۽ پيٽرول سميت روزاني استعمال جي شين جا اگهه عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، هنن چيو ته غريب، مزدور، هاري ۽ پورهيت طبقو سخت پريشان آهي ۽ ڪيترائي ماڻهون معاشي بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تيل جي هٿرادو وڌايل قيمتن کي فوري طور واپس ورتو وڃي، مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، احتجاج دوران شهر جي مختلف رستن تي عوام دشمن پاليسيون نامنظور، مهانگائي ختم ڪيو ۽ غريب عوام تي رحم ڪيو جا زوردار نعرا هنيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd May 2026
•
سندھ
ڈاکٹر فہمیدہ لغاری کی چھوٹی بہن مہک فاطمہ نے اپنے والدین کے ہمراہ آئی جی سندھ پولیس جاوید عالم اوڈھو سے ملاقات کی
22nd May 2026
•
سندھ
مسلم لیگ( ق) کراچی ڈویژن سیکرٹریٹ کا افتتاح، سندھ اور کراچی ڈویژن کے عہدیداروں کا اعلان
22nd May 2026
•
تازہ ترین
جماعت اسلامی کے تحت سندھ کے مختلف شہروں میں احتجاجی مظاہرے
21st May 2026
•
پاکستان
بلوچستان کی باصلاحیت بیٹی ولولہ بشیر کاکڑ نے امریکا کی معروف یونیورسٹی سے ماسٹرز ڈگری حاصل کرلی
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ مهينو اڳ پرڻيل ناري جو گهر مان ٽنگيل لاش هٿ، وارثن جو قتل جو الزام، جاچ شروع
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن پاران مظاهرا
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: ڪچي ۾ نينگري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، هڪ ناري بازياب
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ سياسي سماجي مذهبي
0 تبصرے