سنڌ ڪلچرل فورم پاران ڀلوڙ شاعر سرور دائودپوٽي جي ورسي ملهائي وئي

ڀلوڙ شاعر، پبلشر ۽ سماجي خدمتگار سرور دائودپوٽي جي ورسيءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

سنڌ ڪلچرل فورم پاران ڀلوڙ شاعر سرور دائودپوٽي جي ورسي ملهائي وئي

ٺٽو( شفيق ڀٽي)سنڌ ڪلچرل فورم پاران پنهنجي روايتي سلسلي کي جاري رکندي علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڀلوڙ شاعر، پبلشر ۽ سماجي خدمتگار سرور دائودپوٽي کي سندس ورسيءَ تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ ان سلسلي ۾ مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ سندس آخري آرامگاهه تي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، وزير هالو، سنڌي، مزدور تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر نور محمد ڪنڀار، سنڌ سجاڳ سماجي تنظيم جي صدر محمد ابراهيم هيجب، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ گلاب لنڊ، لطيف صادق، سچل لاکو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن مزار تي اجرڪ پائي هار پارايا ۽ گلن جون پتيون نڇاور ڪري سرور دائودپوٽي جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سرور دائودپوٽو پنهنجي شاعري، اشاعتي ڪم ۽ سماجي خدمتن ذريعي سنڌي ادب ۽ سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس ڪم ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن مثال آهي، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو۔