English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ضلعو وڏي آبادي وارو ضلعو، پر بنيادي سهولتن کان محروم
39 views
|
19th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ليکڪ؛ جمن پتافي
سنڌ جي اهم ۽ وڏي ضلعن مان هڪ ضلعو ملير اڄ به بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ سبب پريشانين ۾ ورتل آهي۔ لکين آبادي رکندڙ هن ضلعي ۾ ترقي جا وڏا وڏا دعوٰي ته ڪيا وڃن ٿا، پر زميني حقيقت ڪجهه ٻي ئي ڪهاڻي بيان ڪري رهي آهي۔ عوام اڄ به ٽٽل رستن، کليل گٽرن، گندي پاڻي، صفائي جي کوٽ ۽ خراب نيڪال واري نظام سبب عذاب جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي۔ ملير، ابراهيم حيدري، گڏاپ، شاھ لطيف، جوڳي موڙ، عبدالله ڳوٺ، پپري، گلشنِ حديد، قائدآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ کليل گٽر ماڻهن لاءِ خطرو بڻيل آهن۔ گهٽين ۽ رستن تي بيٺل گندو پاڻي نه صرف اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي، پر مختلف بيمارين کي پڻ جنم ڏئي رهيو آهي۔
خاص طور تي قائدآباد جو مين روڊ مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي۔ هن اهم شاهراهه تي وڏا وڏا کڏا، ٽٽل رستا ۽ پاڻي بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهن۔ صبح ۽ شام ٽرئفڪ جام سبب ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڦاٿل رهن ٿا۔ موٽرسائيڪل سوار حادثن جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته اسڪول وينون، ايمبولينسون ۽ عام شهري به سخت تڪليفن مان گذرن ٿا۔
ابراهيم حيدري جي سامونڊي علائقن ۾ به صفائي، پاڻي ۽ روڊن جا مسئلا سالن کان موجود آهن، جڏهن ته گڏاپ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو اڄ به بنيادي شهري سهولتن لاءِ ترسي رهيا آهن۔ ساڳي صورتحال ملير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جتي عوام بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود به مسئلا حل ٿيڻ جا منتظر آهن۔ افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن سمورن مسئلن بابت سوشل ميڊيا، اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي بار بار آواز اٿاريو ويو، پر عملي طور تي ڪو خاص قدم نظر نٿو اچي۔ عوام اڄ اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آهي ته آخر ملير جا چونڊيل نمائندا ڪٿي آهن؟ ڇا سندن ذميواري رڳو چونڊن دوران ووٽ وٺڻ تائين محدود آهي يا عوامي خدمت به سندن فرضن ۾ شامل آهي؟
پاڪستان پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا ملير مان ڪامياب ٿي اقتدار تائين ته پهتا، پر اڄ ملير جي عوام پاڻ کي اڪيلو ۽ بي يار و مددگار محسوس ڪري رهي آهي۔ جيڪڏهن لکين آبادي رکندڙ ضلعي ۾ روڊ، پاڻي، نيڪال ۽ صفائي جهڙا بنيادي مسئلا به حل نٿا ٿي سگهن، ته پوءِ ترقي جا دعوٰي رڳو لفظن تائين محدود نظر اچن ٿا۔
ملير جي عوام اڄ به اميد سان پنهنجن نمائندن ڏانهن نهاري رهي آهي ته شايد سندن تڪليفن جو ازالو ڪيو وڃي۔ ماڻهن کي رڳو تقريرون يا واعدا نه، پر عملي ڪم گهرجي۔ ڇو ته ترقي يافته ملير رڳو بيانن سان نه، پر ايماندار ۽ عملي قدمن سان ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿو۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لاڳاپيل ادارا ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪن، ڪرسيون ڇڏي ميدان ۾ نڪرن ۽ ملير جي عوام کي اهي بنيادي سهولتون فراهم ڪن، جيڪي سندن آئيني ۽ انساني حق آهن۔لي قدمن سان ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿو۔
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لاڳاپيل ادارا ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪن، ڪرسيون ڇڏي ميدان ۾ نڪرن ۽ ملير جي عوام کي اهي بنيادي سهولتون فراهم ڪن، جيڪي سندن آئيني ۽ انساني حق آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th May 2026
•
تازہ ترین
بےنظیر انکم سپورٹ پروگرام کی رقم میں 5500 روپے اضافہ کیا جائے، آئی ایم ایف کا مطالبہ
19th May 2026
•
سندھ
پنکی کیس میں بہت سے معتبر نام ہیں جو سامنے آسکتے ہیں، میڈیا اس کو گلیمرائز نہ کرے، کہیں اس پر فلم بن جائے، آئی جی سندھ پولیس
19th May 2026
•
تازہ ترین
تحریک تحفظ آئین پاکستان کا جمعہ کے روز ملک گیر احتجاج کا اعلان
19th May 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں امن و استحکام اور ریاستی رٹ برقرار رکھنے کیلئے افسران و جوانوں کا عزم قابل تحسین ہے، فیلڈ مارشل عاصم منیر
19th May 2026
•
تازہ ترین
بےنظیر انکم سپورٹ پروگرام کی رقم میں 5500 روپے اضافہ کیا جائے، آئی ایم ایف کا مطالبہ
19th May 2026
•
سندھ
پنکی کیس میں بہت سے معتبر نام ہیں جو سامنے آسکتے ہیں، میڈیا اس کو گلیمرائز نہ کرے، کہیں اس پر فلم بن جائے، آئی جی سندھ پولیس
19th May 2026
•
تازہ ترین
تحریک تحفظ آئین پاکستان کا جمعہ کے روز ملک گیر احتجاج کا اعلان
19th May 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں امن و استحکام اور ریاستی رٹ برقرار رکھنے کیلئے افسران و جوانوں کا عزم قابل تحسین ہے، فیلڈ مارشل عاصم منیر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ضلعو وڏي آبادي وارو
بنيادي سهولتن کان محروم
جمن پتافي
0 تبصرے