عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاهه جي هدايتن مطابق ضلع عمرڪوٽ جي عمرڪوٽ سٽي اندر پيور بلاڪ روڊن جي مختلف ترقياتي اسڪيمن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، جاري منصوبن تحت ڊاڪٽر شفيع محمد ۽ ڊاڪٽر لالچند کتري اسپتال کان مين بس اسٽاپ روڊ (ڇور)، چانيا چوڪ کان غريب آباد اسڪول ۽ مين ٿر بازار روڊ، خاصخيلي چوڪ کان موتي چڪ ۽ ون فائي چوڪي تائين روڊ، پراگاڻي هائوس کان سورج پارڪ، ۽ تين تلوار کان کوسا ٽانڪي، گلاب چوڪ ۽ غوثيا چوڪ تائين مين روڊ (ڇاڇرو) شامل آهن، ان سلسلي ۾ ايم پي اي سيد امير علي شاهه جي خاص هدايتن تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو لاڳاپيل عملدارن ۽ پارٽي اڳواڻن طرفان موقعي تي جائزو پڻ ورتو ويو، جاري ڪم جو جائزو پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي سينئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس، لوڪل گورنمينٽ انجنيئر يونس غوري ۽ ڊپٽي انفارميشن تعلقه عمرڪوٽ مهتاب ميگهواڙ ورتو، ان موقعي تي انفارميشن سيڪريٽري پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ گهنشام داس چيو ته ترقياتي ڪم عوامي سهولتن کي نظر ۾ رکندي تيزي سان جاري آهي، ۽ جلد مڪمل ٿيڻ بعد شهرين کي آمد و رفت ۾ واضح سهولت ملندي.
0 تبصرے