مورو پوليس جي ڪارروائي، فراڊ ذريعي پنجاب مان آندل عورت بازياب، جوابدار گرفتار

مورو پوليس جي ڪارروائي، فراڊ ذريعي پنجاب مان آندل عورت بازياب، جوابدار گرفتار

مورو (جاني جماڻي) ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو جي خاص هدايتن تي ڏوھارين خلاف جاري ڪارروائين دوران، مورو پوليس اهم ۽ بروقت ڪارروائي ڪندي هڪ عورت کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو مورو ٿاڻي جي پوليس کي ڳجهن ذريعن کان اطلاع مليو ته ملتان (پنجاب) جو رهواسي جوابدار محمد سرفراز ولد محمد صادق راجپوت هڪ عورت، مسمات نازيه زال انيس شيخ کي راشن ۽ پئسن جو لالچ ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهي، جنهن کي بعد ۾ وڪرو ڪرڻ جو ارادو هو اطلاع ملڻ تي پوليس سب ڊويزنل پوليس آفيسر مورو ميڊم فائزہ سوڍر ۽ ايس ايڇ او مورو امتياز علي کهاوڙ جي اڳواڻي ۾ فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته عورت کي بحفاظت بازياب ڪرائي ورتو۔بازياب ٿيل عورت پنهنجي شروعاتي بيان ۾ به تصديق ڪئي آهي ته جوابدار کيس راشن ۽ پئسن جو لالچ ڏئي گڏ وٺي آيو هو پوليس جوابدار ۽ عورت کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدار خلاف لاڳاپيل قلم هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي ضلع پوليس نوشهروفيروز طرفان عوام کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته انساني اسمگلنگ ۽ اهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف بغير فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون۔