غلام حسين چانگ.شمن راڄپر.عبدالجبار چانگ ۽ ٻين جي عبدالفتاح ميمڻ جي آخري آرامگاهه تي حاضري
ھڱورجا(رپورٽر)خيرپور صحافي اتحاد جي پاران ھنڱورجا جي سياسي سماجي سماج ڌارڪ اڳواڻ ۽ صحافي ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمن جي 7 ورسي ملھائي وئي ورسي جي موقعي تي صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ.شمن راڄپر.عبدالجبار چانگ.حاڪم سھتو.عبدالعزيز ميمڻ.محمد عظيم سھتو .عمران چانگ حق نواز سولنگي جي اڳوڻي ۾ پيربابو قبرستان پھچي صحافي ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي وئي ۽ مغفرت لاء دعا پڻ گھري وئي ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو تہ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ صحافت جي ميدان ۾ غريب مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪئي ھميشھ حق سچ لکيو.ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ سچو۽ کرو انسان ھيو ان جي,وڇوڙي سان ھنڱورجا ۾ پيدا ٿيل خال سالن تائين ڀرجي نہ سگھبو.
0 تبصرے