علي گل گبول جو هٿ پير ٻڌل لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ واري علائقي مان نوجوان علي گل گبول جو لاش آيو آهي جنهن کي هٿ پير ٻڌي بيدري سان قتل ڪيو ويو فوتي جي ڀاءُ موجب جنهن موجب شايد واقعو ذاتي رنجش سبب پيش آيو آهي.پوليس مطابق، تفتیشي ٽيم فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪيا ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون پوليس وڌيڪ چيو آهي ته واقعو سنگين نوعيت جو آهي ۽ قاتلن کي جلد از جلد قانون جي حوالي ڪيو ويندو.ملير ضلع ۾ اهڙي قسم جا واقعا مقامي ماڻهن لاءِ شديد پريشاني جو سبب بڻيا آهن. رهواسين پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعو جي مڪمل تفتیش ڪئي وڃي ۽ قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي
0 تبصرے