گرفتار ٿيلن ۾ ذوالفقار علي کوسو، عنايت شاهه حسين بخش لاشاري ۽ امير بخش جتوئي شامل
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري پوليس رشتو ڪرائڻ جي نالي تي رقم ڦٻائڻ واري گروهه کي گرفتار ڪري ورتو، اٻوجھ ماڻهن کي شاديءَ جو جهانسو ڏئي وڏيون رقمون وٺي فرار ٿيندڙ گروهه لاڪ اپ ٿي ويو، تفصيل موجب ڏوڪري پوليس رشتو ڪرائڻ جي نالي تي رقم ڦٻائڻ واري گروھ کي گرفتار ڪري ورتو آهي اٻوجھ ماڻهن کي شاديءَ جو جھانسو ڏئي وڏيون رقمون وٺي فرار ٿيندڙ گروھ لاڪ آپ ٿي ويو آهي ان ڏس ۾ ڏوڪري ٿاڻي جي ايس ايڇ او دلشاد علي منگي، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري جي رهواسي ممتاز جتوئي جي شڪايت تي فراڊي گروهه جي نشاندهي ٿي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته ميهڙ، باقراڻي ۽ لاڙڪاڻي جا رهواسي ذوالفقار علي کوسو، عنايت شاهه حسين بخش لاشاري، امير بخش جتوئي، هڪ گينگ طور گڏ جي ڪم ڪندا رهندا آهن هو رشتو ڪرائڻ جي لالچ ڏئي ماڻهن کان وڏي رقم وٺي غائب ٿي ويندا آهن ايس ايڇ او موجب جوابدارن ممتاز جتوئي کان سندس پٽ لاءِ رشتو ڪرائڻ عيوض ٽي لک رپيا ورتا ويا ۽ پوءِ هو غائب ٿي ويا اهڙي شڪايت بعد گروهه کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گرفتار ٿيل جوابدارن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو 14 ڏينهن جو ريمانڊ وٺي جيل حوالي ڪيو ويو ان موقعي وڏو منشي قربان علي انڙ افضل سومرو، عزيز ٻٺ موجود هئا،
0 تبصرے