ايس ايس پي سجاول جي هدايت تي پوليس پاران فليگ مارچ

ايس ايس پي سجاول جي هدايت تي پوليس پاران فليگ مارچ

سجاول(گلشيرميربحر)ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي پاران هلندڙ ملڪي حالتن جي ڪري رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۽ عيد جي خريداري جي سلسلي ۾ امن امان کي قائم رکڻ لاء پوري ضلع ۾ فليگ مارچ ڪيو ويواهي. فليگ مارچ ضلع هيڊ ڪوارٽر سجاول سٽي جي مختلف علائقن مان گذرندو چوهڙ جمالي سٽي ۽ شاھ بندر. درگاھ شاھ يقيق جي پسگردائي ۽ ساحلي علائقن ۾ ڪيو ويو .فليگ مارچ دوران مختلف پوليس پڪٽن ۽ آفيسرن کي روڊن تي موجود هئڻ کي به چيڪ ڪيو ويو. پيٽرولنگ تي موجود آفيسرن کي شاباس ڏني وئي ۽ غير حاضر آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي سجاول ڪنٽرول ميسيج ذريعي سڀني ايس ڊي پي اوز. ايس ايڇ اوز کي سختي سان حڪم ڏنو آهي ته سڀئي آفيسر فورن آن روڊ هئڻ ۽ پنھنجي پنھنجي حد ۾ موثر انداز ۾ پيٽرولنگ جي عمل کي جاري رکن. فليگ مارچ جو مقصد ماھ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۽ عيد جي خريداري جي سلسلي ۾ امن امان کي قائم رکڻ شرپسند ۽ ڏوهاري ماڻھن سان قانون تحت منھن ڏنو وڃي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاء ضلع سجاول پوليس هر وقت تيار آهي.