English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي اندر شاديءَ جي تقريبن ۽ ٻين سماجي گڏجاڻين بابت نئون ضابطه اخلاق جاري
230 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شادي هال ، بينڪوئٽ هالز ، لانز، ريسٽورنٽس ۽ هوٽلن ۾ ٿيندڙ تقريبن لاءِ مهمانن جي تعداد ۽ کاڌي بابت پابنديون لاڳو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ضلعي اندر شاديءَ جي تقريبن ۽ ٻين سماجي گڏجاڻين بابت نئين ضابطه اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن تحت شادي هال ، بينڪوئٽ هالز ، لانز، ريسٽورنٽس ۽ هوٽلن ۾ ٿيندڙ تقريبن لاءِ مهمانن جي تعداد ۽ کاڌي بابت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن ۔ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شاديءَ جي تقريبن ، وليمي ۽ ٻين سماجي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جو تعداد 200 ماڻهن کان وڌيڪ نه هوندو، جڏهن ته تقريبن ۾ صرف هڪ ڊش پيش ڪرڻ جي اجازت هوندي ۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي آهي ته سڀئي شادي هال مالڪ ، ايونٽ آرگنائيزرز ، ڪيٽرنگ سروسز ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن حڪومتي هدايتن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۔ هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران ان سلسلي ۾ مسلسل نگراني ڪئي ويندي ۽ ضلعي جي سمورن تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجن علائقن ۾ انهن هدايتن تي عملدرآمد جي نگراني ڪندا۔ نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف لاڳاپيل قانونن تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر موجب اهي حڪم فوري طور لاڳو ٿيندا ۽ ايندڙ حڪمن تائين نافذ رهندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ضلعي اندر شاديءَ جي تقريبن ۽ ٻين سماجي
0 تبصرے